سنڌ جو لوڪ ادب

سنڌ جو لوڪ ادب :
لوڪ ادب جي معنيٰ آهي: عام لوڪن جو اهڙو ادب، جيڪو زباني روايتن ذريعي هڪ پيڙهيءَ کان ٻي پيڙهيءَ تائين منتقل ٿي محفوظ ٿيو هجي. هي ادب روايتن، عقيدن ۽ ڏندڪٿائن جو اهڙو مجموعو آهي، جنهن ۾ روايتي قصا، آکاڻيون، پهاڪا، چوڻيون، لوڪ گيت ۽ ٻيون شاعراڻيون صنفون شامل هونديون آهن، جن جو تخليقڪار هڪ عام ماڻهو، خاص ڪري ٻهراڙيءَ جو اڻ پڙهيو، پر سياڻو فرد/ سُگهڙ هوندو آهي.
سنڌي ٻوليءَ ۾ لوڪ ادب جو تمام وڏو ذخيرو موجود آهي، جنهن ۾ سنڌي ماڻهن جي لوڪ ڏاهپ ۽ قومي ثقافت جا اولڙا ڏسي سگهجن ٿا. لوڪ ادب جي اهميت کي محسوس ڪندي، 1956ع ڌاري سنڌي ادبي بورڊ ‘لوڪ ادب اسڪيم’ منظور ڪندي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي سربراهيءَ ۾ ڪم شروع ڪرايو. ان رٿا هيٺ هر تعلقي ۾ ڪارڪن مقرر ڪيا ويا، جن ڳوٺن، وستين واهڻن مان لوڪ داستان، ڳجهارتون ۽ پروليون، ڏور ۽ هنر وارا بيت، سهرا ۽ ڳيچ، سوڻ ساٺ، ريتون رسمون، لوڪ گيت، پهاڪا، آکاڻيون وغيره سهيڙيون ۽ پوءِ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پاڻ به هنڌين ماڳين پنڌ ڪري مواد هٿ ڪيو ۽ سموري مواد جي ڇنڊڇاڻ کانپوءِ ان کي ترتيب ڏنو ۽ لوڪ قصا، لوڪ گيت، پهاڪا، مولود، مداحون، ٽيهه اکريون، ڪافيون، ڳجهارتون، ڏور بيت وغيره ڪتابي صورت ۾ سنڌ واسين لاءِ چاليهن جلدن کان مٿي ڪتابن ۾ محفوظ ڪيا. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب جو اهو اڻ ملهه پورهيو سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ ۽ ترويج جي سلسلي ۾ سدائين مٿانهون رهندو. لوڪ ادب جي ثقافتي ورثي تي ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي، محمد سومار شيخ، رائچند راٺوڙ، عطا حسين شاهه موسوي، منگهارام اوجها، ولي محمد طاهرزادي، محمد عثمان ڏيپلائي، ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، محمد عثمان ‘اديب’، پريتم پياسي ۽ ٻين پڻ گهڻو ڪم ڪيو آهي.
ساڳيءَ ريت ورهاڱي کانپوءِ هندستان ۾ وڃي آباد ٿيل اديبن ۽ عالمن به لوڪ ادب جي حوالي سان ڪافي تحقيقي ڪم ڪيو سنڌ ۾ رهندڙ هندو جاتيءَ جي فردن جو لوڪ ادب سهيڙڻ سان گڏ، ان سان لاڳو سرحدي علائقن ٻني، ڪڇ ۽ راجسٿان جي سنڌي لوڪ ادب کي پڻ گڏ ڪيو. اهڙن عالمن ۽ اديبن ۾ ڊاڪٽر نارائڻ ڀارتي، ڊاڪٽر پرسي گدواڻي، ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي، ڊاڪٽر ڄيٺي لالواڻي، ڪيرت ٻاٻاڻي، لالجي همٿو جي سوٽهڙ، ڪشني ڦلواڻي، جگديش شهدادپوري، ڊاڪٽر هوندراج بلواڻي، ڪلاڌر متوا، سترامداس ’سائل‘ ۽ ٻين جو ڪم قابل تحسين آهي.
لوڪ ادب جون مختلف صنفون: سنڌي لوڪ ادب جون گهڻيون صنفون آهن، جن مان مکيه صنفن جو هتي ذڪر ڪجي ٿو. جيڪي نثر توڙي نظم جي صورت ۾ ملن ٿيون:
لوڪ ڪهاڻي/ آکاڻي: هيءَ لوڪ ادب جي آڳاٽي صنف آهي، جنهن ۾ اڪثر دلچسپ ۽ نصيحت واريون ڪهاڻيون ملن ٿيون. جن جا چار قسم آهن: (1) ڏند ڪٿائون، (2) ديون ۽ پرين جون ڪهاڻيون، (3) روايتي يا نيم تاريخي عشقيه ڪهاڻيون/ داستان، (4) جانورن ۽ پکين جون آکاڻيون. اهي آکاڻيون ٻارن ۽ وڏن جي دلچسپيءَ جو باعث رهيون آهن، جيڪي اڪثر گهر جون وڏڙيون (ماءُ، ڏاڏي، ناني) وغيره ٻڌائينديون آهن، لوڪ ادب کي ڪتابن ۾ سانڍڻ کانسواءِ اڄڪلهه ته ڪيتريون ئي آکاڻيون ڪمپيوٽر اينيمشن ذريعي ڪارٽونن وغيره جي صورت ۾ پڻ ٻارن لاءِ ٺاهيون ويون آهن، اهو پڻ لوڪ ادب کي سانڍڻ جو سٺو ذريعو آهي. سنڌيءَ ۾ لوڪ ڪهاڻين کي ڪارٽونن ذريعي سانڍڻ جي پهرين ڪوشش دبئيءَ ۾ نامياري ليکڪا سندري اتمچنداڻيءَ جي ڌيءُ آشا چاند طرفان ڪئي وئي آهي، جنهن ’پنج تنتر جون آکاڻيون‘ جي نالي سان اهي ڪهاڻيون سي ڊين جي صورت ۾ پڌريون ڪيون آهن، جيڪي ‘سنڌي سنگت’ نالي سندس ويب سائيٽ تي پڻ موجود آهن.
ڪهاڻين جو هڪ ٻيو قسم نيم تاريخي داستانن يا قصن جي صورت ۾ ٻهراڙيءَ جي اوطاقن ۾ پڻ ورجايو پئي ويو آهي، جيڪي داستان ۽ قصا هر عمر جي ننڍي وڏي فرد جي دلچسپيءَ جو باعث رهيا. اهو به چيو وڃي ٿو ته ننڍي کنڊ ۾ اهڙن داستانن جو بنياد سنڌ مان پيو. زباني طور ته سنڌ ۾ گهڻي عرصي کان لوڪ ڪهاڻين ۽ قصن جو رواج آهي، سومرن جي دور (1050ع کان 1350ع) ۾ گهڻي کان گهڻا نيم تاريخي قصا مشهور ٿيا، جن مان گهڻن کي سگهڙن کانسواءِ ڪلاسيڪي شاعرن پڻ پنهنجي شاعريءَ جو موضوع بڻايو ۽ انهن جي ڪردارن کي امر ڪري ڇڏيو.
لوڪ ڪهاڻين کي لکڻ جو سلسلو انگريزن جي دور ۾ شروع ٿيو، پر ماضيءَ کان هتي مختلف داستانن جهڙوڪ: عمر مارئي، دودو چنيسر، ليلان چنيسر، مومل راڻو، سهڻي ميهار، سسئي پنهون کان سواءِ آڳاٽيون بادشاهن اميرن، ديون، پرين، ڏائڻين، وزيرن، ڏاهن ماڻهن واريون ڪهاڻيون سيني به سيني هلنديون آيون آهن. هتي سڀ کان پهرين پنج لوڪ ڪهاڻيون يورپي عالم ڪيپٽن جارج اسٽئڪ پنهنجي انگريزي ڪتاب: ‘Grammar of Sindhi Language’ جي پڇاڙيءَ ۾ درج ڪيون، جيڪي ديوناگريءَ ۾ انگريزي ترجمي سان گڏ ڏنيون ويون آهن، جن مان ٽن لوڪ ڪهاڻين کي سنڌي روپ ۾ ڊاڪٽر مرليڌر جيٽليءَ آندو، جن جا عنوان هئا: (1) شهزادي املهه ماڻڪ جي ڪهاڻي،
(2) شهزادي حسن پري، (3) راءِ ڏياچ وارو داستان وغيره.
گهڻي ۾ گهڻا لوڪ قصا ۽ ڪهاڻيون ورهاڱي بعد سنڌي ادبي بورڊ جي لوڪ اب اسڪيم تحت منظر عام تي آيا، جن کي ڊاڪٽر
نبي بخش خان بلوچ سهيڙيو. انهن ۾ ’ليلى مجنون‘ وارو قصو آڳاٽو چيو وڃي ٿو، جيڪو سيد فاضل شاهه، نظم جي صورت ۾ 1723ع ڌاري جوڙيو هو. جيتوڻيڪ ’ليلى مجنون‘ سنڌ جو قصو ناهي، پر سنڌي لکت ۾ مليل اهو پهريون منظوم قصو آهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب عمر مارئي، سهڻي ميهار، سورٺ راءِ ڏياچ، سسئي پنهون وغيره قصا سهيڙيا. ان کانسواءِ شاهه لطيف جي سورمين ۽ سورمن جا
نيم تاريخي داستان ڊاڪٽر هوتچند گربخشاڻيءَ پنهنجي ڪتاب ‘روح رهاڻ’ ۾ ڇپرايا. ان کانسواءِ ڪلياڻ آڏواڻي ۽ غلام محمد شاهواڻيءَ اهي داستان قلمبند ڪيا.
پهاڪو: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي تيار ڪيل ‘جامع سنڌي لغات’ ۾ پهاڪي لفظ جي لغوي معنيٰ ‘ڏاهپ جو قول، ڪهاوت، مقولو ۽ سياڻپ’ ڄاڻايل آهي.
پهاڪا، تاريخي حوالي سان دنيا جي سڀني سڌريل ٻولين ۾ موجود آهن ۽ اهي قومن جي رهڻي ڪهڻي، رسمن ۽ ثقافت وغيره کي ظاهر ڪندا آهن. جڏهن ته هي ٻوليءَ جي قدامت، تهذيب ۽ تجربن جون جيئريون جاڳنديون ثابتيون ڏيندا آهن. پهاڪي پٺيان ڪا ڳالهه، مشاهدو يا تجربو هوندو آهي، جهڙوڪ:
• اڇي ڏاڙهي اٽو خراب
• آئي ٽانڊي ڪاڻ، ٿي ويٺي بورچياڻي
• هڻ ڌيءَ کي ته سِکي نُنهن
پهاڪو، ڪنهن ڳالهه يا واقعي مان پڻ جنم وٺندو آهي ۽ مختلف خطن ۾ ٻوليءَ وسيلي پکڙجي ويندو آهي، جڏهن ته ڪن پهاڪن جي عمر ٻوليءَ جيتري ئي قديم هوندي آهي.
چوڻيون: ڪن اهم ماڻهن جي شاعريءَ يا گفتگوءَ مان ورتل ٻول يا قول- ‘چوڻيون’ ٿي پونديون آهن. مثال: ‘ڏک سکن جي سونهن ’ شاهه لطيف جي بيت مان ورتل آهي.
اصطلاح: جنهن پهاڪي ۾ آخر ۾ مصدر استعمال ٿئي، ان کي اصطلاح چيو ويندو آهي. مثال: ‘ٻليءَ کي گهنڊڻي ٻڌڻ’
ورجيس: ورجيس ۾ وري جملو اڻپورو لڳندو آهي ۽ ظاهري لفظن کان ڦريل معنيٰ هوندي آهي. مثال: ‘اٺين پيڙهي اٺ، ماڪوڙو ماسات’.
روايتي رسمون ۽ رواج: سماجي رسمن ۽ رواجن جا وڌيڪ ڀاڱا هي آهن: (الف) ڏڻ وار، رسمون ۽ رواج، (ب) شادين مرادين جون رسمون ۽ رواج.
سنسا ۽ ڀرم، جهڙوڪ: (الف) جنن، پرين، ديون ۽ ڏائڻين جون ڳالهيون، (ب) جادو منتر، ٽوڻا ۽ ڦيڻا.
سنڌي لوڪ ادب جون شعري صنفون:
سنڌي لوڪ ادب ۾ شاعراڻيون صنفون هونئن ته گهڻيون آهن، پر ڪجهه اهم ۽ بنيادي صنفن جو ذڪر هتي ڏجي ٿو:
پرولي: پرولي لوڪ ادب جي صنفن مان هڪ اهميت واري ۽ مقبول صنف آهي، جيڪا نثر توڙي نظم ۾ هوندي آهي. ڳجهارت جو بنياد به پروليءَ تي رکيل آهي. پروليءَ کي هنديءَ ۾ ‘پهيلي’، پراڪرت ۾ ‘پهيليا’، پاليءَ ۾ ‘پرهيلڪا’ ۽ سنسڪرت ۾ ‘پرهيلڪا’ چون ٿا. ‘پرهيلڪا’ ٻن لفظن جو ميل آهي: پر + هيلڪا. ‘پر’ اڳياڙي (Prefix) آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ‘چڱيءَ طرح سان’، تنهنڪري پروليءَ جي معنيٰ ٿيندي چڱيءَ طرح سان وندرائڻ.
پرولي’ سنڌي ماڻهن جي ڏاهپ جو اهڃاڻ رهي آهي. هي ڳجهارتي هنر آهي ۽ لوڪ ادب جي پراڻي شاخ آهي. ‘پرولي/ پهيلي’ جي معنيٰ گهڻي سوچ ويچار بعد ڪنهن شيءَ جي پرک ۽ پرو لڳائڻ آهي. ‘پروليون’ ٻين ٻولين ۾ به ملن ٿيون. پرولين جا ڪيترائي قسم آهن، جهڙوڪ:
(i) ساديون يا رواجي پروليون: هنن ۾ ننڍن جملن ۽ لفظن تي ٻڌل سوال هوندو آهي، جنهن جي ڀڃڻي يا جواب حاصل ڪبو آهي، جيڪو جواب ماحول مان ئي ملي سگهندو آهي. سنڌ ۾ اڪثر وڏڙا پنهنجي ٻارن کي اهڙيون پروليون ڏئي دل وندرائي، سندن ذهانت ۾ اضافو ڪندا رهيا آهن. جهڙيءَ ريت: (1) ‘گهر گهر ۾ لڌڙو ليٽي’، اُن جي ڀڃڻي ٿيندي: ‘ڦَرهيو يا ٻهارو’، (2) ‘اڌ ڪاٺ جو، اڌ لوهه جو’، جنهن جي ڀڃڻي ٿيندي: ‘ڏاٽو’.
(ii) بيت واري پرولي: هيءَ سادي، پر منظوم يا هم قافيه پرولي ٿئي ٿي. مثال: (1) ‘هيترو هيترو پٺاڻ، سؤ سيُن ساڻٰ’. ان جي ڀڃڻي ٿيندي: ‘ڄاهو’، (2) ‘وڻ وڻ ۾ واڪا ڪري’، اُن جي ڀڃڻي ٿيندي: ‘ڪُهاڙي’.
(iii) ڳُوڙهي پرولي: هن پروليءَ ۾ ڪجهه ڳوڙهائپ ۽ لِڪ رکيل هوندي آهي، جنهن لاءِ ذهن تي گهڻو زور ڏيڻو پوندو آهي. مثال:
(1) اُٺ وهنجي نِڪتا، گهڙا ڪين ٻڏن،
پرديسي پکيئڙا، ويٺا اُڃ مرن.
ڀڃڻي: ماڪ
(iv) ٻول پرولي: هيءَ اهڙي پرولي ٿئي ٿي، جنهن جي ڀڃڻيءَ لاءِ چيو وڃي ۽ جڏهن ڀڄي ته پروليءَ جي چيل لفظ سان هم قافيه ٺهڪي اچي. مثال:
(1) شڪل جو سهڻو، ۽ اندر جو کارو،
وجهه ذرو پيٽ ۾، ڏکائي ڏينهن سارو.
ڀڃڻي: ٽُوهه
(v) دُستاڳ: اهڙي پرولي، جنهن ۾ ڀڃڻيءَ واري شيءَ جي نشاني يا اشارو آيل هجي، پر اڳتي هلي پڇندڙ ڦِري وڃي. هن پروليءَ ۾ جيتريون سٽون هونديون آهن، اوترا اشارا ڏنل هوندا آهن. دستاڳ، ڪاڇي ۽ ڪوهستان ۾ عام طرح ڏنو ويندو آهي. مثال:
(1) نڪ سِبائي ٿو ڪنوار وانگر، پر ڪنوار به ناهي،
جبل جهاڳي شوق سان، پر جوڳي به ناهي.
ڀڃڻي: اُٺُ
(vi) هيماريون ۽ ڳُوڙها: ٿر ۾ ڏُکي يا ڳُوڙهي پروليءَ کي ‘هيماري’ يا ‘ڳُوڙهو’ سڏيو وڃي ٿو. هيماري ۽ ڳُوڙهي ۾ فرق اهو آهي ته جنهن پروليءَ ۾ سوني تشبيهه، سون ۽ سوني زيور جو ذڪر اچي، ان کي ‘هيماري’ چئبو آهي (هنديءَ ۾ ‘سون’ کي ‘هيم’ چون). هيماريون، اڪثر عورتون وهانءَ جي موقعي تي ڏينديون آهن ۽ ان موقعي تي ڀوڳ چرچا به ڪنديون آهن. ‘هيماريون’ ۽ ‘ڳوڙها’، جن کي ‘ڏکيون پروليون’ سڏجي ٿو، ٿر ۾ عام آهن.
مثال (ڳوڙهو):هڪ سؤ آنٻا آنٻلي، ٻه سؤ ٻيا جهاڙ،
ڪورينا پانڙو، سُرتا ڪرو ويچار.
ڀڃڻي: سائو بصر
مثال: آساڙ مهيني اُپجي، اُس ناميڻي نام،
سُندري وساري سيج تي، ليتو آئيجو شام!
(آساڙ: آکاڙ، اپجي: پيدا ٿئي، نامياڻي: نالي واري، سُندري: سهڻي عورت (سونن زيورن سان جهنجهيل)، ليتو آئيجو: وٺيو اچجان).
(مطلب: آکاڙ جي مهيني ۾ پيدا ٿئي ٿي، اُن نالي واري شيءِ سندري سيج تي وساري آئي آهي. شام جو موٽڻ ويلي وٺيو اچجان).
ڀڃڻي: نيموري (نِموري)
نيٻوڙي: (گلي جو زيور)
(vii) ڏِٺ پرولي: هيءَ اها پرولي آهي، جيڪا اڪثر ڪا شيءِ ڏسي انهيءَ مهل ٺاهي ڏبي آهي. اُن ۾ مشاهدي موجب ان شيءِ جو تصور شامل هوندو آهي، جنهن کي ڪو سياڻو ئي ڀڃي سگهي ٿو.
مثال: چار ڪري ٿو چست مان، ڪري ٻه به ٻاجهارا،
ڪڏهن ڪڏهن ٽن جا، وڄائي وارا،
سالڪ سوڀارا، ڳوليو انهيءَ ڳالهه کي!
ڀڃڻي: ڪانءُ (جيڪو ڪڏهن چار ته ڪڏهن ٽي، ڪڏهن ٻه ٻچا ڪري ٿو).
(viii) سوال جواب پرولي: هيءَ به ڏٺ جو هڪ قسم آهي، سگهڙ ڪو واقعو يا وَٿ ڏسي سوال جي صورت ۾ ڏيندو ۽ ڀڃندڙ ان جو جواب بيت جي صورت ۾ ڏيندو. انهيءَ کي روايتي پرولي به چون ٿا.
(ix) گرُُ چيلي جا بيت: هن ۾ هڪڙا سگهڙ ڪچهريءَ ۾ گروءَ جو سوال ته ٻيا وري چيلي جو جواب ڳوليندا آهن. هن قسم جي بيتن پرولين ۾ سنڌيءَ سان گڏ ٻين ٻولين جا لفظ به گاڏڙ هوندا آهن. مثال:
چرخي چڪر لائيا، ڀئوڻ آٻيڙا کاءِ،
وهُو ويچاري ڦِري، ڪهو چيلا ڪس ڀاءِ.
مطلب: چرخي يا مڪڙي چيچٽ پئي ڪري، ڀوڻ به چيڪٽ پئي ڪري، وهون (زال) به پئي ڦري، اي چيلا! ٻڌاءِ ان جو مطلب ڇا آهي؟
چيلو: گرو جي ‘آڻ’ نهين.
(جنڊ جي مڪڙيءَ ۾ آڻ (لوهو ڇلو) پيل ناهي، اُن ڪري رينگٽ پيو ڪري، ڀئوڻ ۾ به آڻ (تيل جو ٻڙو) ناهي، ان ڪري چيچاٽ پيو ڪري، زال به هيڏانهن هوڏانهن پئي ڦري، جو کيس آڻ (جهل پل) ناهي!
نوٽ: اهڙي ڀڃڻيءَ لاءِ ڪو اهڙو لفظ ڳوليو وڃي ٿو، جيڪو گهڻ معنائي هجي.
(x) مام پرولي يا معما: ‘معمو’ يا ‘معما’ جو مطلب ڳجهه، راز يا منجهيل ڳالهه. حقيقت لڪايل يا چٽي نه ڪيل. معما بيت جي صورت ۾ ڏبي آهي، جنهن جو جواب هڪ لفظ يا بيت ۾ به ڏئي سگهجي ٿو. مثال:
هيءَ جاءِ سهڻي ساڻيهه ۾، جڙي منجهه جهان،
سؤ پُٽ، ڏهه ڏوهٽا، ڦري فقيرن ساڻ،
سنجهي ويل سمهي، آڌيءَ ڪري اوٿاڻ!
سو ڪو سگهڙ آڻ، ڏئي ماهيت مذڪور جي!
جواب:‘تسبيح
ڪن تسبيحن ۾ ڏهن ڏهن داڻن تي سَنڌو ٿيندو آهي. اڪثر اڌ رات جو نمازي تسبيح ڦيريندا آهن يا وري نماز کانپوءِ پڙهندا آهن.
معما، ڪنهن اڻ ڏٺل شيءِ تي، پر جنهن تي ايمان هجي، ان تي جوڙيون وڃن ٿيون. مثال: ملائڪ، جن وغيره.
(xi) اڏي: اڏي به سادي پروليءَ جو قسم آهي، جيڪا اڪثر ٻار هڪ ٻئي کي ڏيندا آهن. ان ۾ هڪ سٽ واري اڏي به ٿئي ته ٻن سٽن واري به. ان سان ٻارن کي معلومات ملندي آهي.
مثال (الف): گهر گهر ۾ لال ڪنوار.
ڀڃڻي: باهه
(ب) گور گندي، پاڻي پاڻي، جيڪو نه ڀڃي، تنهن جي ناني ڪاڻي.
ڀڃڻي: کوهه
پروليءَ کي ڪٿي ڪٿي ڳجهارت به سڏين ٿا، ٿر ۾ ڳجهارت کي ‘ڳجهيت’ به چون ٿا.
ڳجهارت: ڳجهارت، ‘سنڌي پروليءَ’ جو هڪ قسم آهي، پر اُها پروليءَ کان ڳُوڙهي ٿيندي آهي. ڳجهارت فني ۽ معنوي لحاظ کان معياري ۽ نهايت ڳوڙهو فن آهي. پروليءَ جو بنياد تشبيهه ۽ استعاري تي آهي ۽ ڳجهارت جو مدار تجنيس ۽ تلميح تي آهي. فطرت جو مطالعو، ماحول جي ڄاڻ، شين جي واقفيت ۽ نُڪتن جي پروڙ، پروليءَ جي پسمنظر جا خاص اسباب آهن، پر ڳجهارت جي پرک پروڙ لاءِ زندگيءَ جي مختلف شعبن: سماجي رسمن رواجن، عام قصن ڪهاڻين ۽ خاص داستانن جي تلميحي ٽاڻن ۽ اهڃاڻن جو علم، سنڌي لغت جي گوناگون لفظن ۽ محاورن جي واقفيت ۽ انسانن جي باهمي رشتي جي مختلف مرحلن تي رٿن ۽ ارادن، خوشين ۽ معيارن، ڏکن ۽ ڏوارپن جي ڄاڻ پڻ ضروري آهي. پروليءَ جي پروڙڻ لاءِ ذهن جي تيزي ڪافي آهي، پر ڳجهارت کي ڳولڻ لاءِ ذهني تيزيءَ سان گڏ سوچ ۽ دانائيءَ جي ضرورت آهي. ڳجهارت جي ڏي وٺ رڳو ريجهه رهاڻ ۽ وندر ورونهن ناهي، پر ادب ۽ ثقافت، لغت ۽ حڪمت جي ڳوڙهي رهاڻ آهي. ڪنهن سگهڙ ڳجهارت کي هيٺين بيت ذريعي خاص فنن جي صف ۾ شمار ڪيو آهي:
ڳهي ‘ڳجهارت’ کي، ڪي ڳوليندڙ ڳولين،
‘هنر’ جي حساب جو، خزانو کولين،
‘ڏهس نامي’، ‘ڏور’ کي، فلڪ سان ڦولين،
‘دراهي’ کي دل سان، الهڏنا! اولين،
معنيٰ جا من جي، عاقل اُکولين،
ڪي وِير وڙولين، ‘سينگار’ کي سوچ سان!
هن بيت ۾ سگهڙ، سگهڙائپ جي سمورن اهم صنفن کي بيان ڪيو آهي.
‘ڳجهارت’ لفظ ٻن لفظن جو ٺهيل آهي: ‘ڳجهه’، معنيٰ راز يا لڪل ڳالهه ۽ ‘ارٿ’ معنيٰ مطلب. مجموعي معنيٰ ٿي: ‘لڪل مطلب’. ڪن جي راءِ ۾ ‘ڳجهارت’ لفظ هندي ‘بجهارت’ يا ‘بجهول’ مان سنڌيءَ ۾ رائج ٿيو. هنديءَ ۾ ڳجهارت جي معنيٰ آهي: حساب ڪتاب صاف ڪرڻ. البت بجهول جي معنيٰ ‘پرولي ڀڃڻ’ آهي، پر جيئن ته سنڌي ٻولي هنديءَ کان قديم آهي، انهيءَ ڪري اهو خاطريءَ سان چئي سگهجي ٿو ته ڳجهارت سنڌيءَ جو پنهنجو لفظ آهي، جو ٻوجهه (سمجهه) يا ٻجهڻ (سمجهڻ) يا پروڙڻ جي معنيٰ ۾ آڳاٽي وقت کان رائج ٿيو ۽ آخرڪار ڳجهه، راز يا مام (پروڙڻ) جي معنيٰ ۾ استعمال ٿيو. ٻجهارت لفظ سنڌيءَ ۾ به ساڳي معنيٰ ۾ ڪتب اچي ٿو.
شاهه لطيف پڻ لفظ ٻجهارت ان معنيٰ ۾ ڪم آندو آهي:
ٻولي ‘ٻجهارت’، جوڳيان سندي ذات جي،
ڏورڻ گـهـڻـو ڏاکــڙو، هـلـڻ ۾ حـيـرت،
عـجـب عـبـارت، پـهـه پــروڙڻ اُن جــو.
(سُر رامڪلي)
لفظ ٻجهارت، جڏهن ڳجهه، راز يا مام جي معنيٰ ۾ سنڌيءَ ۾ رائج ٿيو ته غالباً عوام ۾ پڻ ‘ڳجهه’ لفظ مان، ‘ٻجهارت’ سان ٺهڪندڙ لفظ ‘ڳجهارت’ عام مشهور ٿيو. ڳجهارت جي فن جو ابتدائي دور سومرن جو دور چيو وڃي ٿو. ڳجهارت جا عام طور ٻه قسم ٿين ٿا:
(i) سُريلي ڳجهارت: هن ۾ مختلف سُر ۽ لوڪ داستان سمايل هوندا آهن.
(ii) بي سُري ڳجهارت: هن ۾ سُرن جي پابندي نه هوندي آهي، پر عام ڳجهارت هوندي آهي.
ڳجهارت ڏيڻ ۽ ڀڃڻ هڪ دلچسپ مشغلو آهي. ڪچهريءَ ۾ ڳجهارت ڏيڻ وارو وڏي واڪي چوندو ‘اچي ٿي!’ پوءِ ڀڃڻ وارو سگهڙ انهيءَ شيءَ سان ٺهڪندڙ ڪيترائي نالا يڪساهي کڻندو ته ٻڌندڙ حيران ٿيندا ۽ جڏهن ڳجهارت اڌ کان وڌيڪ اشاري سان ڀڄي پوندي ته هوڪرا پئجي ويندا، ڳجهارت ڏيندڙ چوندو ته ‘وئي سائين وئي!’ جيڪڏهن ڀڃڻي اڃا نه ٿي ته غلط جواب تي ڳجهارت ڏيندڙ چوندو ويندو ‘بچي’، ‘نه اڃا بچي!’
ڪن ڏوهيڙن وارين ڳجهارتن کي ڏوهيڙن سان به ڀڳو ويندو آهي. جڏهن ته ڳجهارت جي ڳجهه وارن لفظن کي بَندُ، سَنڌُ، ٺپو يا پاوا چئبو آهي، اهي ڪيترن ئي شين جا هوندا آهن. جهڙوڪ: نالا (نالا: مرد، نرنان: عورت)، ذاتيون، شهر، هنر، اوزار، هٿيار، زيور، ڪپڙا (ڪپڙو، ڪپڙ، ڪپڙي جي، ڪپڙي جو)، ڪپهه، ڪاٺ، ڪک، اکر، ميوا، پوکون، گاهه، ڏٿ، وڻ ٻوٽا، جبل، باهه، مٽي، پکي، جانور، واءُ، مينهن، جايون، حالتون ۽ خاصيتون وغيره شامل آهن. پائو يا بند، مذڪر ۽ مؤنث جي حوالي سان ڀڃبو.
(i) سُرائتي ڳجهارت جو مثال:
لوهه جي ليلان، رڇ چنيسر.
ڀڃڻي: (لوهه جي: ڪئنچي، رڇ: مَٽُ)
ڪنهن چيئي ليلان، ته مٽ چنيسر
(iii) بي سري ڳجهارت جو مثال:
سٽ جو ڇنو، ڪاٺ جو لڙيو، حاڪيماڻي جو الله
ڀڃڻي: (سُٽ جو: تنگ، ڪاٺ جو: هنو، حاڪيماڻو: سوار)
تنگ ڇنو، هنو لڙيو، سوار جو الله!
ڏور: ‘ڏور’ لفظ جي معنيٰ آهي ‘جاچڻ’ يا ‘ڳولڻ’. عام زندگيءَ ۾ ماڻهو پنهنجا گفتا اشارن ۽ ڪِناين ۾ لڪائيندي، ٻڌندڙ کي دماغ تي زور ڏيارائي، ان گفتي جو مطلب ڪڍرائي اچي ٿو، بلڪل اهڙيءَ طرح لوڪ شاعريءَ ۾ به سگهڙ ‘ڏور’ ذريعي پنهنجو پيغام پيش ڪندو آهي. ڪچهريءَ ۾ سگهڙ هڪ طرف ڏور جو بيت پڙهندو ويندو، ته ٻئي طرف وري ٻڌندڙ لفظن جا پيرا کڻندو، اصل موضوع ۽ مقصد ڏانهن وڃڻ جي ڪوشش ڪندو ويندو.
ڏور’ لوڪ شاعريءَ جي بيحد مقبول صنف آهي. هن صنف ۾ سگهڙ لفظن کي پنهنجي هڪ خاص معنيٰ ڏئي ٿو. هيءَ صنف خاص ڪري ٻهراڙيءَ جي ڪچهرين جي زينت آهي. (ڏور: رسالت، نبوت، پنج تن وغيره جي حوالي سان ڀڃبا آهن ۽ اڪثر مذهبي واقعا ڏورن ۾ ڪم آندا ويندا آهن.)
قـدامـت جي لـحـاظ کان ‘پـروليـون’ ۽ ‘ڳـجهـارتـون’ سـنڌ جي سگهڙپائيءَ جو آڳاٽو نمونو آهن، جن جي ڀيٽ ۾ ‘ڏور’ نسبتاً پوئين ويجهي دور جي پيداوار آهي. جڏهن کان هڪ طرف عوام ۾ اسلامي تاريخ جون روايتون ۽ نبين جا معجزا ۽ اصحابن، امامن، ولين، درويشن جون حڪايتون رائج ٿيون ۽ ٻئي طرف تصوف ۽ سلوڪ جي لحاظ کان ‘مجازي’ ۽ ‘حقيقي’ معنيٰ جو تخيل پيدا ٿيو ته سنڌ جي صوفي شاعرن پنهنجن بيتن کي تمثيل جي قالب ۾ آندو، يعني ته بيتن جي مجازي (ظاهري) مضمون کي سنڌ جي عام قصن ۽ ڪهاڻين جي تاڃي پيٽي ۾ آندائون، مگر ان جي ‘حقيقي’ معنيٰ کي عارفن جي بلند اخلاق جو آئينو بنايائون. ٻين لفظن ۾ ائين چئجي ته قاضي قادن ۽ شاهه ڪريم جي دؤر کان وٺي سنڌ جي شاعرن، سنڌ جي عام قصن ۽ ڪهاڻين کي اعلى اخلاقي شاعريءَ لاءِ قالب طور ڪم آندو. يعني انهن قصن ۽ ڪهاڻين جي مضمونن ۽ موضوعن کي تمثيل طور پنهنجي بيتن ۾ بيان ڪيو. ‘تمثيل’ وارو معنوي پهلو پوءِ سگهڙن جي اُنهن بيتن جو مرڪز ۽ محور بڻيو، جن کي انهن ‘ڏور’ ڪري سڏيو. جڏهن عوام ۾ نبين، ولين جي معجزن ۽ ڪرامتن جي ڳالهين سان گڏ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي رسالي جي بيتن جي حقيقي معنيٰ جي رهاڻ شروع ٿي ته سگهڙن پڻ معجزن ۽ ڪرامتن بابت معنوي بيت چيا ۽ اهڙن بيتن جي مذڪور سان ڏورن جي ڪچهريءَ ترقي ڪئي.
هتي سگهڙ قاسم جو هڪ ڏور بيت مثال طور ڏجي ٿو:
سُڪل هئي سالن کان، ٻيو ساڙي ڪيائونس سوڪ،
پوک وانگر پوکيئون، ڏيئي پاڻي منجهان ٿوڪ،
ڦُٽي ڦَر جهليائين، ٻيا ميوا جهليائين موڪ،
تنهن کي کائيندو لوڪ، قيامت تائين ‘قاسم’ چئي!
مطلب: نبي ڪريم حضرت محمد صلي الله عليه وسلم، هڪ سڙيل ککڙي پوکِي ته ان مان وڻ پيدا ٿيو.
ڏور به پروليءَ جو هڪ قسم آهي. پر ‘ڏوربيت جو قسم پڻ آهي. ڏور بيت نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم يا ٻين نبين جي معجزن ۽ اسلامي قصن تي مشتمل ٿين ٿا. ڏور، ڏورڻ مان نڪتل آهي، جنهن جي معنيٰ جاکوڙ يا جستجو ڪرڻ آهي.
ڏور بيت ۾ اسلامي قصا سڌيءَ ريت بيان ٿيل نه هوندا آهن ۽ کين اهڃاڻي انداز ۾ ڳايو ويندو آهي، جنهن بعد ڪچهريءَ ۾ ويٺل ان کي ڳولڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ته اها ڳالهه حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جي فلاڻي معجزي يا واقعي تي ٻڌل آهي. سنڌ جي سگهڙن ڏور کي ٽن حصن ۾ ورهايو آهي، جيڪي هيٺينءَ ريت آهن:
(i) پنج تن: حضرت محمد صلي الله عليه وسلم، حضرت علي عليه السلام، حضرت بيبي فاطمة الزهرا عليه السلام، حضرت امام حسن عليه السلام ۽ حضرت امام حسين عليه السلام سان لاڳاپيل واقعا.
(ii) سوا لک: حضور ڪريم صلي الله عليه وسلم کي ڇڏي، باقي نبين جا واقعا.
(iii) ٻاهر: پنجن تن پاڪ ۽ سوا لک نبين کان سواءِ، جن ڏورن ۾ الله تعالى جي قدرت، طاقت ۽ اصحابن ۽ ولين جي ڪرامتن جو ذڪر هجي، تن کي ‘ٻاهر جا ڏور’ چئبو.
ڏور ۾ ڪي سُگهڙ ڪمزور روايتون به بيان ڪندا آهن، جن جي علمي ۽ تاريخي حيثيت نه هوندي آهي. ڏور ڀڃڻ ۾ ڏکيو هوندو آهي، ان ڪري چوندا آهن ته، “ڏور آهي شهزور”.
هنر: هنر فارسي لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي: ‘فن، ڪاريگري’. ڪاريگر جو ڪيل ڪم تڏهن ظاهر ٿيندو، جڏهن ڪري ڏيکاري. مثلاً: پٿر، ڪاٺ ۽ مٽي جڏهن اصلوڪي حالت ۾ آهن، تڏهن انهن ئي نالن سان سڏجن ٿا، پر جيڪڏهن ڪاريگر انهن شين کي پنهنجي اٽڪل ۽ استاديءَ سان ڪا موزون شڪل ڏئي ته اهو سندس هنر چئبو. اهڙيءَ طرح سگهڙ به لفظن، جملن ۽ بيتن ۾ ڪا رمز رچي، هنر جي معنيٰ رکندا آهن، هن ۾ سگهڙ لِڪ ڪري ماڻهن، شهرن، جنن، پکين، جانورن ۽ بيمارين وغيره جا نالا شامل ڪندا آهن، جڏهن اُنهن جي چير ڦاڙ ڪبي ته معنيٰ ٻي نڪرندي. هنر ۾ سگهڙ پنهنجيءَ دانائيءَ سان ڪنهن به جنس يا ماڻهوءَ ۽ شهر وغيره جو نالو استعمال ڪندو آهي، جنهن جي معنيٰ ۽ مقصد ٻيو نڪرندو آهي، مثال طور:
مٽياري مَ منهنجا پرين، آراضي ٿي اچ،
ڏيپلو پريت جو، ته سکر ٿيان سچ،
محبت ديري مچ، ٻاريو منهنجي من ۾.
هن هنر واري بيت ۾ مٽياري، آراضي، ڏيپلو، سکر ۽ محبت ديرو شهرن جا نالا آهن. پر لفظن جي چير سان معنيٰ هن ريت بيهندي: مٽياري: مَٽِ ياري (دوستي)، آراضي: آءُ راضي، ڏيپلو: ڏي پلئُه، سکر: خوش، سرهي، محبت ديري: محبت ڌيري.
(مطلب: منهنجا پرين ياري نه مٽ، آءُ، راضي ٿي اچ، پريت جو پلئه ڏي ته سچ پچ سکر (خوش/ سرهو) ٿيان. منهنجي من ۾ (تنهنجيءَ) محبت ڌيري ڌيري مچ مچايو آهي.)
هنر به ڳجهارت جو هڪ قسم آهي، جنهن ۾ مختلف انداز ۾ ڏوهيڙا چيل هوندا آهن، جيڪي ظاهري معنيٰ ۾ آسان لڳندا آهن، پر سگهڙ انهن جي معنيٰ کي تفصيل وار بيان ڪندا آهن، جڏهن ته سنڌ جي لوڪ ادب ۾ هنر جي بيتن ۾ لفظ جي اصل معنيٰ جي جاءِ تي ٻي معنيٰ ڪڍي ويندي آهي.
هنر جا قسم هيٺينءَ ريت آهن:
(i) سُرائتا هنر: لوڪ داستانن جي مختلف سُرن تي ٻڌل، هنر جا بيت.
مثال طور: عمر مارئي، سسئي پنهون، ليلان چنيسر، مومل راڻي وغيره جي بيتن تي چيل هنر.
(ii) چيراوان هنر: هن ۾ هنر واري بيت جي هر بند جو قافيي وارو پويون لفظ ساڳيو هوندو آهي. مثال طور:
عـمـر ابـاڻــي پـار ڏي، نڪـي سـونهـريـون،
واهـڻ وهـن واهـڻيـن، نڪـي سـونـهـريـون،
سمجهـي ڳالهه سلطان تون، نڪي سونهريون،
اهـي سـونهـريـون، هيـون مـارن کي ملير ۾.
(سون+ هيرن: سون تي هريل، سو+ نهريون: پاڻيءَ جون سَوَ نهريون، سو+ نهريون: طوائفون/ وئشيائون، سونهريون: ٻڪرين جو قسم).
(iii) بي سُرا هنر: اهڙا هنر، جيڪي ڪنهن به سُر ۾ نه هجن. بلڪ اُنهن ۾ ڪا ڏٺ يا واقعو يا قصو بيان ڪيل هجي.
مثال طور: “اي ماءُ محسن سان، سهڻي هي سون سان، هي ته قضا ڪم ڪيو.”
اهو بيت ڪنهن به سُر ۾ ته نه آهي، پر هڪ اسلامي روايت آهي. معنيٰ: امام حسين عه (اي ماءُ محسن)سان سهڻي حسين عه (هي سون) سان هي ته قضا ڪم ڪيو.
(iv) عام رواجي هنر: هنن ۾ جنسن، پوکن، ذاتين، پکين، جانورن، سازن، ڏينهن، مهينن، واهن، وکرن، ٿانون ۽ مٽن مائٽن وغيره کي موضوع بنايو ويندو آهي. مثال طور:
رنـد لغـاري راڄ ۾ سـي ڪـامـل! ڪوڙ نه ڪن،
عـمـراڻـي، آجــڙيـون، جـتــوئـــي پــاس پُـــرن،
زرداري ڪــوٽــن ۾، مـــارو ٽــالــپـــرن،
مري ڇڏيندس ڇن، ڪلوئي لڄائيندس ڪين ڪي!
(هن هنر ۾ ظاهري طرح ذاتين جو ذڪر آهي).
(iv) دوراها/ دراهو: هي هنر جو هڪ قسم آهي، جنهن ۾ سگهڙ ٻٽو هُنر ڪم آڻين ٿا، يا ٻن قسمن جي لِڪ رکن ٿا. دراهو فارسي لفظ آهي. دو: ٻه + راه: رستو. ٻن رستن وارو، يعني اهو بيت، جو ٻٽي معنيٰ رکي. ڪن جي خيال ۾ هي لفظ اصل ۾ ‘دورائو’ يا ‘دورايو’ يعني ٻن راين وارو آهي. لوڪ ادب جي فن ۾ شاعرن ۽ سگهڙن ٻن راهن کي پيش رکي بيت ٺاهيا، جن تي عام اصطلاحي نالو ‘دراهو’ رکيائون.
مثال: جهل مهار، ‘مهار’ لفظ ٻه معنائون رکي ٿو:
(1) اٺ جي واڳ.
(2) م: نه+ هار: ڳچيءَ جو هڪ زيور. معنائن جي انهيءَ فرق سان ‘جهل مهار’ جون هيٺيون معنائون ٿينديون.
(1) سر سسئي: اي سسئي! تون اٺن جي مهار جهلي ويهين ها.
(2) سر ليلان: اي ليلان! اهو هار پاڻ وٽ نه جهلين ها!
جيڪڏهن هڪ لفظ ڪيتريون ئي معنائون رکي، پر سڀ معنائون هڪ ئي سُر سان تعلق رکن ته اهو ‘هنر’ چئبو، پر دُراهي لاءِ ضروري آهي ته هڪ لفظ مختلف معنائون، مختلف سُرن لاءِ رکي.
ٿوڪ: ٿوڪ لفظ جي معنيٰ شيءِ يا وٿ آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ هي لفظ موجوده وقت ۾ عام استعمال ۾ نه آهي، پر لوڪ ادب کان سواءِ اساسي شاعريءَ ۾ ڪتب آندو ويو آهي. سنڌي لوڪ ادب جون سڀئي صنفون ٿوڪ آهن، پر سندن بيهڪ، جوڙجڪ ۽ خاصيت الڳ ٿئي ٿي. هن صنف ۾ ڪن به چئن شين جي سڌي يا اڻ سڌي طرح سُٺائي ڄاڻايل هوندي آهي، جنهن جي آخر ۾ وراڻيءَ طور ‘ٽڪا مڙئي روڪ چڱا’ ڪتب آندو ويندو آهي. جهڙوڪ:
اول ۾ الله ڀـلـو، پـيـر کـان ويـسـاهه ڀـلــو،
اهي چارئي ٿوڪ چڱا، ٽڪا مڙئي روڪ چڱا!
ڏهس: ڏهس نامو سنڌي سگهڙپائيءَ جو آڳاٽو فن آهي، جنهن جو مطلب آهي “لفظن جي اها ڄاڻ ۽ بيان جو اهو نمونو، جنهن ۾ ‘ڏهه ٻوليون’ يا ‘ڏهه معنائون’ هجن.” ڏهس نامي جو فن، جنهن جي ذريعي مختلف ٻولين جي انوکن اسمن جي ڄاڻ پيدا ٿي. سنڌي سينگار شاعريءَ جي عروج لاءِ بنيادي ڏاڪو هو. سنڌ جي سگهڙن مختلف اسمن جا هم معنيٰ لفظ ٻين ٻولين مان ڳولي هٿ ڪيا، جن جو تعلق محبوب جي سهڻن عضون ۽ اندامن سان يا انهن جي مشابهت سان هو.
سگهڙ هن صنف لاءِ سنڌيءَ سان گڏ ڏهه نالا ٻين ٻولين: عربي، فارسي، هندي، بلوچي، پنجابي، سنسڪرت وغيره مان ڳولي ڪم آڻيندا آهن. اڄڪلهه ته انگريزيءَ مان به لفظ کنيا وڃن ٿا.
هيٺيان مثال عضون جي همنام نالن جا آهن:
وار: اُڳ، رَڌان، ڪَيس، ڪَچ، ترنگ، چِڪُر، وار،
شعر، مُوءِ، ڦُٽ، زلف، ساجن سر سينگار.
اکيون: آنک، اکيان، نيڪ ڪنول، چاهه، چشم، بن، رين،
ڀِڀ، کنجن، چڀ، کن، اک، پي لوچت دو نين.
نڪ: نڪ، بيني، ڦونر، پامس، انف،
چپ: هونٽ، لب، شفت، چپ.
ڏهس جو هڪ ٻيو مثال هيٺينءَ ريت پيش ڪجي ٿو، جنهن ۾ سون جا ڏهه نالا ڄاڻايل آهن، جن سان محبوب جي چهري کي تشبيهه ڏئي سگهجي ٿي:
زرد، ذهــب، ســـونُ، ســوزَن، ڪُــنـدن،
طُلا، ڪنچن، ٿينگو، ڪَنڪَن، رچي، رتن.
ڏهس ۾ محبوب جي ساراهه، مختلف جانورن ۽ پکين جي نالن کان سواءِ الله سائينءَ جي قدرت، نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم ۽ ٻين نبين، امامن، ولين ۽ بزرگن جو شان پڻ بيان ڪيو ويندو آهي.
ڏهس اصل ۾ ڏهه + س آهي، يعني ‘ڏهن جو انگ’ ۽ ‘س’ نسبتي علامت آهي، معنيٰ ڏهن واري (صنف)، اصطلاحاً اها صنف، جنهن ۾ هڪ اسم جا ڏهن مختلف زبانن مان، ڏهه هم معنيٰ لفظ ڪتب آندل هجن، جن سان محبوب جي ڪنهن نه ڪنهن خوبيءَ يا وصف کي ڀيٽي سگهجي، محبوب ته خوبين جو ڀنڊار آهي، پر شاعر انهن خوبين مان به چونڊ ڪري ڏهن مختلف زبانن جي لفظن سان سينگاري بيت جي صورت ۾ پيش ڪن ٿا.
لوڪ ادب ۾ ‘ڏهس’ سگهڙپائيءَ جي آڳاٽي صنف آهي. هي مواد جي نقطه نگاهه کان نهايت املهه صنف آهي. جيترو لفظي ذخيرو هن صنف ۾ ملي ٿو، اوترو ٻيءَ ڪنهن به صنف ۾ ملڻ مشڪل آهي. اُن ڪري لغوي لحاظ کان هيءَ صنف لوڪ ادب جي جملي صنفن مان پهرين صف ۾ بيهڻ جي هر طرح لائق آهي.
سينگار: لوڪ ادب جي صنفن ۾ ‘سينگار’ جي صنف وڏي اهميت رکي ٿي. هن ۾ محبوب جي حُسن ۽ جمال، هار سينگار جو نازڪ ۽ نفيس نموني ذڪر ڪيل هوندو آهي. هن ۾ محبوب جو نقشو ننهن کان چوٽيءَ تائين بيان ٿيل هوندو آهي. اڪثر شاعرن مجازي محبوب جي حسن ۽ سينگار بابت سينگار جا بيت چيا آهن. نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم جي شان ۾ به سينگار بيت لکيا وڃن ٿا، جن کي ‘صفاتي سينگار’ سڏجي ٿو. سنڌي سينگار شاعريءَ جو اوج ۽ ڪمال اسان کي سگهڙن جي سرتاج جلال کٽيءَ جي بيتن ۾ نظر اچي ٿو. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنهنجي ڪتاب ‘سنڌي سينگار شاعري’ ۾لکي ٿو ته: “جلال غالباً پهريون استاد شاعر هو، جنهن پنهنجي انوکي تخيل ۽ جادو بيانيءَ سان سنڌي سينگار شاعريءَ کي اوج تي پهچايو. جلال کٽي ميان نور محمد ڪلهوڙي جي عهد جو شاعر هو ۽ غالباً ڀٽائي صاحب جو وڏو معاصر يا هم عمر هو.”
سينگار، سنڌي لوڪ ادب جي اهڙي صنف کي چئبو آهي، جنهن ۾ محبوب جي سورهن سينگارن، ڳهه ڳٺن ۽ سونهن جي ساراهه ٿيل هجي. هن صنف ۾ محبوب حقيقي هجي يا مجازي، سندس واکاڻ ڪبي آهي. سينگار جي بيتن ۾ تشبيهن ۽ استعارن جي اُڻت ان طرح ٿيل هوندي آهي، جو ٻڌندڙ يا پڙهندڙ کي سندس محبوب جو تجلو نظر ايندو آهي. جهڙوڪ: شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ فرمايو آهي ته:
چنڊ تنهنجي ذات، پاڙيان تان نه پرينءَ سين،
تون اڇو منجهه رات، سڄڻ نت سوجهرو.
سنڌي ٻوليءَ کانسواءِ هندي ۽ اردوءَ ۾ به هي صنف موجود آهي، جنهن کي ’سنگهار رس‘ سڏيو وڃي ٿو، جنهن جي معنيٰ ٺاهه ٺوهه يا سجاوٽ آهي ۽ هيءَ صنف قديم دور کان هاڻوڪي دور تائين سنڌي توڙي هندي شاعريءَ ۾ اهم ۽ مروج صنف آهي. سينگار جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
ڳل ڳلين سر سونهڻا، پس جانب جو جنسار،
آهوءَ کان اڳرا پرين، موتين ۾ مڻ ٽار،
سون اُنين تان صدقو، املهه پڻ اڳوار،
مورن لاتيون ماٺ ڪيون، سڃاڻي سينگار،
ڪوئل ڪوڪ ڳُجهي ڪئي، جڏ نرمل ٿيو نروار،
سوين هونِ هزار، پر ڪونهي مٽ محبوب جو.
(مڱيو براديو)
هيٺ نموني طور جلال کٽيءَ جو سينگار بيت ڏجي ٿو:
جئن سي ابر بهار، تئن ڪنول ڪيسَ قريب جا،
اليهر وانگي الٽيا، اچي ڍريا بدن ڍار،
سَرو ڪنا سوڌا پرين، مُک موتين کؤن نؤ چار،
هنجهه ڏسي لوڏ لڪي ويا، پس گنيرڪي گفتار،
ٻُڌي ٻولي ٻاجهه ڀري، ڪِي ڪوئل نه ڪوڪار،
ڇڏي شمس شعاعُ ويو، گڏجي منجهه غُبار،
آهن چين چڪور جان، پِي پيهل پار،
ڀنڀا ڀِرون ڀونئر جان، اکيون ميگهه ملهار،
سينو موڪرو سڄڻين، گلبدن گلزار،
عارف جي اچڻ جا، آگم ٿيا اظهار،
ساجن ۾ سنسار، جانب وڌ، جلال چئي.
سَت سُرا: سنڌي لوڪ شاعريءَ ۾ ’سَتَ سُرا‘ بيت جو هڪ قسم آهي، جنهن ۾ ست سُر سمايل هوندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن هن صنف ۾ ستن سُرن بدران ٽي يا چار سُر به ٿي سگهن ٿا، جنهن ڪري انهن مان ڪن بيتن کي ’دوراها‘ پڻ سڏيو ويندو آهي. هن سُر ۾ ظاهري طرح جدا ته ڳجهي نموني ٻي معنيٰ سمايل هوندي آهي، جنهن کي سگهڙ بهتر نموني سمجهائي سگهندا آهن.
هيءَ صنف سنڌي لوڪ ادب جي مختلف صنفن جهڙوڪ: ڳجهارت ۽ هنر ۾ هڪ سُر يا مختلف سُرن تي به مشتمل ٿي سگهي ٿي. جڏهن ته هن ۾ ست، اٺ، نوَ يا ڏهه سُر يا موضوع پڻ ٿي سگهن ٿا. انهن بيتن ۾ جيڪي سُر ڪتب اچن ٿا، سي سسئي پنهون، مومل راڻو، عمر مارئي، سهڻي ميهار، ليلان چنيسر، سورٺ راءِ ڏياچ ۽ هير رانجهو وغيره آهن. ست سُري جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
مومل ماري مينڌرو، ويو چانگي سر چَڙهي،
سهڻي ساهڙ ڄام لاءِ، پاڻيءَ منجهه پَڙي،
بُوبنا جراڙ لاءِ، ناتي نينهن نڙي،
ليلان ساريو ڪانڌ کي، تڪبر جا تڙي،
ٻانڀڻ ٻاروچن لاءِ، سورن منجهه سڙي،
ليليٰ مجنون پاڻ ۾، لڳين جيءَ جڙي،
سيفل بديئل ري، گهاري تان نه گهڙي،
هير رانجهي لاءِ حُب مان، راتو ڏينهن رڙي،
زليخا يوسف لاءِ، کامي ٿي کڙي،
ڍول مارئي پاڻ ۾، چون بات بڙي،
قرب منجهان ڪڙهي، تن عشق ننگ اجاريو!
(ڦل ڪوراڙ)
ٻول: سنڌي لوڪ ادب ۾ هيءَ صنف نظم توڙي نثر ۾ موجود آهي، جيڪا ڏاهن ۽ سگهڙن جي تجربي ۽ مشاهدي جو واضح مثال ۽ زندگي گهارڻ لاءِ ڪارائتي ثابت ٿيندي آهي. ٻول ۾ تشبيهون ۽ استعارا، عام فهم سمايل هوندا آهن، انهن کي ’ٻهڳڻن جا ٻول‘ نالي سان پڻ سڏيو وڃي ٿو.
ٻول، نظم جي صورت ۾ ٻن بندن کان ٽيهن بندن تي مشتمل ٿيندو آهي. ٿوڪ ۽ پنجڪا (پنجن ٻولن وارا) پڻ ٻولن جا قسم آهن، جڏهن ته پنجڪن ۾ ڇهن کان ويهن تائين ٻول هجن، تڏهن به پنجڪا چئبو آهي. ٻولن مان عام ماڻهو سبق پڻ حاصل ڪري ٿو، ڇاڪاڻ ته هي اخلاقيات جي پرچار جو هڪ بهتر وسيلو آهن. هتي هڪ پنجڪو مثال طور پيش ڪجي ٿو:
ڏچر گهوڙي، سُچر زال،
ڇڊي ڪڻڪ، گهاٽا تر،
اڌارو وهانءُ، پنجئي نه ٿيا.
سنڌي لوڪ شاعريءَ جون ڪي ٻيون صنفون هن ريت آهن:
مداح ۽ مناجات: ‘مدح’ عربي لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي تعريف، ساراهه، جيڪو مدح ڪري ٿو، ان کي عربيءَ ۾ ‘مادح’ يا ‘مداح’ چون ٿا، پر سنڌيءَ ۾ ان کي ‘مداحي’ چون ٿا.
‘مناجات’ عربي لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ‘ڪن ۾ ڳالهه ڪرڻ’. مناجاتون الله پاڪ ۽ رسول پاڪ صلي الله عليه وسلم جي شان ۾ چيون وينديون آهن، جن ۾ پنهنجي ڏکن سورن جو اظهار ۽ مدد جي اپيل به هوندي آهي.
مولود: مولود، عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ‘نئون ڄاول ٻار’. سنڌي محاوري ۾ مولود اهو نظم آهي، جيڪو نبي سڳوري جي ولادت باسعادت جي مسرت ڀريي موقعي تي سندن شان ۾ چيل هجي. مولودن ۾ حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جي ثنا ۽ ساراهه مکيه جُز آهي، پر هر شاعر پنهنجي فهم ۽ فڪر آهر مولود چيا آهن، جن ۾ سندن روضي جي زيارت، فيض بشارت وغيره جو اشتياق ڏيکاريل هوندو آهي:
محمد ڏسي من ٺاريان، جنهن لئه اُڪنڊيو آهيان،
سيد ڏسي سڪ لاهيان، جنهن لئه اُڪنڊيو آهيان.
(مخدوم عبدالرئوف ڀٽي)
لوڪ گيت: لوڪ گيت، هر ملڪ ۽ ان جي ٻوليءَ جي لوڪ ادب جو اهم ۽ قيمتي سرمايو هوندا آهن. سنڌي لوڪ گيت، سنڌ جي ثقافت ۽ سنڌين جي عوامي ادب جو آئينو آهن، جن ۾ سنڌ جي عام زندگيءَ جو عڪس نمايان طور تي نظر اچي ٿو. لوڪ گيت سڄي سنڌ ۾ عام مقبول ۽ مروج آهن ۽ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڳايا وڃن ٿا.
جمالو’ سڄي سنڌ جو عام مقبول لوڪ گيت توڙي لوڪ ناچ آهي. ‘ڇلو’ خاص طرح اُتر جو لوڪ گيت آهي ۽ ميرپور ماٿيلي کان وٺي نوابشاهه ضلعي تائين هلندڙ آهي. ‘مورو’ بنيادي طور ڪوهستان جو لوڪ گيت آهي، اهو ڪوهستان جي ايراضيءَ سان گڏ، سنڌ جي اترئين حصي ۾ پڻ رائج ٿيو ۽ اڄ تائين اتر توڙي ڪوهستان ۾ رائج آهي. ‘لولي’، ‘ٻيلڻ’، ‘گامڻ’، ‘موڏي’، ‘لئيڪو’ اتر جا عوامي گيت آهن ۽ اڪثر جتن ۽ ٻين سرائڪي ڳالهائيندڙ قبيلن ۾ عام رائج آهن.
اڪثر لوڪ گيت ڪن خاص موقعن، موسمن، ڌنڌن ۽ پيشن جا گيت آهن ۽ انهيءَ مناسبت سان ئي ڳائجن ٿا. ‘جمالو’ ۽ ‘سرور شادي ۽ خوشيءَ جي موقعي تي ڳائجن ٿا. ‘منجرو’ پير مرشد جي اچڻ وقت آجيان طور ڳائجي ٿو. ‘جاڳا’ رمضان المبارڪ ۾ اسر ويل ڳائجن ٿا. ٿرپارڪر جا اڪثر گيت برسات جي مند بابت آهن، ‘راڻو’، ‘بادليئو’، ‘رائڌڻ ور’، ‘ورساڙو’، ‘چوماسو’، ‘سانوڻ ٽيج’، ‘هچڪي’، ‘للرياڙي لو’، ‘خيالي گومند’ پهرين وسڪاري بعد ڳائجن ٿا. ‘ڀئيئو’ وسڪاري جي مند ۾ پهرين گُڏ ۽ پوءِ لاباري وقت ڳائجي ٿو. ‘پڻهاري’ ۽ ‘هينڍامڻي’ عورتون پاڻي ڀرڻ وقت ڳائينديون آهن. ‘لمڪيان ڙي لو’ ڏٿ چونڊڻ وقت ڳايو ويندو آهي. ‘ڍولو’، ‘رومال’، ‘جلالو’، ‘ڪانگلڙو’ ۽ ‘اوڏڻ’ خوشين جي موقعن تي ڳايا ويندا آهن.
لوڪ گيتن جا ڪيترائي قسم آهن. سنڌ جي مختلف علائقن ۾ مختلف موقعن تي ڳائجندڙ لوڪ گيتن جا ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنهنجي ڪتاب ‘لوڪ گيت’ ۾ 57 قسم ڏنا آهن، جن ۾ سڄيءَ سنڌ ۾ مقبول لوڪ گيتن جا پنج قسم، اتر سنڌ جي لوڪ گيتن جا اٺ قسم، ڪوهستاني گيتن جا ٻه قسم ۽ ٿرپارڪر مان 42 قسمن جا گيت شامل آهن، جڏهن ته چيلهار جي نوجوان اديب ڀارو مل امراڻيءَ، ٿر جا 14 نوان لوڪ گيت، پنهنجي تحقيقي ڪتابڙي ‘گيت ساوڻ من ڀانوڻ جا’ ۾ ڏنا آهن، جن ۾ ‘راسوڙو’، ‘پڌارو’، ‘مهندي’، ‘امراڻو’، ‘گهنگهور’، ‘ڪيوڙو’، ‘سانڀو’، ‘موريو’ ۽ ‘ڀئيو’ اچي وڃن ٿا. اهڙيءَ ريت ٻني، ڪڇ (ڀارت) جي نوجوان اديب ڪلاڌر متوا ‘مُتوَن جا گيت’، ڊاڪٽر پرسي گدواڻيءَ دهليءَ جي پاسي رهندڙ سنڌي اوڏن جا گيت، نارائڻ ڀارتيءَ، ڏاڏين، نانين ۽ پوڙهين عورتن کان ٻُڌل لوڪ گيت، لاڏا، ڪوڏاڻا، شاديءَ، وهانءُ، نڻان ڀاڄائيءَ جا گيت وغيره گڏ ڪري ڪيترا ڪتاب ڇپايا آهن، جڏهن ته ڊاڪٽر ڄيٺي لالواڻيءَ، پنهنجي ڊاڪٽريٽ جي ٿيسز ‘ٻنيءَ جا سنڌي لوڪ گيت’ ۾ سنڌ، خاص ڪري ٿر جي گيتن سان گڏ ڪڇ ۾ رهندڙ سنڌي قبيلن سوڍن، نوتيارن، سمن، متون، ڪولهين، ميگهواڙن، ريٻارين، ٻاون ۽ راڌا ڪرشنا جا لوڪ گيت به شامل ڪيا آهن، جن ۾ ‘گجيو’ (ڪولهين جو گيت) ۽ ‘ڦوٽاڻو’ (جنهن ۾ گهوٽيتن کي ڪنواريتن پاران گيتڪار عورتون طعنا ڏينديون آهن) بلڪل نوان گيت آهن.
جديد شاعرن مان شيخ اياز ‘چيڻو’، ‘لمڪيان ڙي لو’، ‘سانوڻ ٽيج’، ‘مڻهيار’، ‘ڪرهو’، ‘ڇيڄ’ ۽ ‘همرچو’ لکيا آهن. انهن لوڪ گيتن مان اڪثر لوڪ گيت، ٿر ۾ اڳ ۾ ئي مروج آهن، پر اياز انهن ۾ ڪافي جدت آندي آهي، جڏهن ته نياز همايونيءَ ‘چيڻو’، ‘همرچو’، ‘سنيهو’، ‘ڍاٽيئڙو’، ‘ڇيڄ’، ‘مور ٿو ٽلي’، ‘جمالو’، ‘لولي’، ‘لاڏو’ جهڙن مروج لوڪ گيتن کي نئين انداز ۾ لکڻ سان گڏ ‘ٻاگهي’، ‘اوٺيئڙو’، ‘مانجهيئڙو’ لوڪ ناچ (ڪورين جو گيت)، ‘بالو’، ‘ماهيا’، ‘هنبوڇي’، ‘اُوڙو’، ‘موئرو’ ۽ ‘تاسرڙو’ سندس تخليق ڪيل بنهه نوان لوڪ گيت آهن، جن مان ‘اوڙي’ ۽ ‘موئري’ کي زرعي پسمنظر آهي، جڏهن ته ‘تاسرڙي’ کي تاريخي پسمنظر سان پيش ڪيو ويو آهي.
هيٺ نموني طور لوڪ گيتن جا مثال ڏجن ٿا:
(1) جمالو:
منهنجو جمالو جتن سان، هو جمالو!
جنهن کي ويئي گهڻي وير ٿي، هو جمالو!
جنهن کي سوني مُنڊي چِيچ ۾، هو جمالو!
منهنجو کٽي ايندو خير سان، هو جمالو!
(2) ڇلو:
تنهنجي مهرباني، ڇلو ڏي نشاني
ڇلي ڏاڍي لائي آهه، ڇلي دل ڦسائي آهه،
ڇلي دل وڃائي آهه،
چوان ڇا ٿو جاني، ڇلو ڏي نشاني...
(3) مورو:
مورو ناهي ٿورو، جاني! مورو ويٺي ڳايان
پُٽ جڏهن مون ٿيندو، ڏيهه مبارڪ ڏيندو
سڄڻ! مورو ويٺي ڳايان...
پُٽ ته اٿم ڄائو، ٿيم ڀاڳ سڻائو،
سڄڻ! مورو ويٺي ڳايان...
(4) لولي:
ويندا جو پيا هين، ويندئين ٻانهان مَريندا،
وسريان جو ڳالهايان، ويندا ياد ڏويندا-
جانب لولي...
(5) لکيو:
لکڻ واري ويهي جو لکيو، منهنجو هَي ڙي لکيو.
هڻي قرب جي ڪاني- ويو جانهيري جاني،
هي ڙي لکيو...
(6) جدائي ٿي جهوري:
ڇوريءَ کي ڇوري ڪري ڇڏي وئين ڙي،
منگها! تنهنجي جدائي ٿي جهوري ڙي...
اسر جو وِيَل تون، اڳينءَ جو مارئين ڙي،
منگها! تنهنجي محبت ٿي ماري ڙي...
(7) ڏيئل ڏو:
او مهر ‘مَدَن’ کي- ڏيئل ڏو!
او وڍرَ وُٺي ٿي- ڏيئل ڏو!
او ڪرڙ ڪڪوريا- ڏيئل ڏو!
او ‘حمل’ هيڪلي- ڏيئَل ڏو!
(8) وڻجارو:
ٿَلهي مٿي پيِپڙِي، جڪي رِي ڇايا ۾ ٻيٺا مور-
(اڱڻ ۾ پپر جو وڻ آهي، جنهن جي ڇانوَ ۾ مور ويٺا آهن)
هاءِ! وڻجارو بالم ڙي...!
(9) ڀَئيئو:
ڀئيئا! وٽڪي ۾ ميٽ، ڀئيئا! تيلهوڙي ۾ تيل، ڀئيئا!
(اي ڀاءُ، وٽيءَ ۾ ميٽ ۽ تيلهوڙي ۾ تيل)
ڀئيئا، تيل ميٽ هَلي ڀيڙ، ڀئيئا!
(اي ڀاءُ تيل ۽ ميٽ پاڻ ۾ هلي گڏ)
(10) ڏَهُوڪو:
ڏهوڪي ماري ڏو، جي ٿي ڀاجان، ته ڪُر ٿي لاجان-
ڏهوڪي ماري ڏو!
ڏهرڪي ماري ڏو، نگر جائي، تَگر لائي-
ڏهرڪي ماري ڏو...!
(11) ٻيلڻ:
ٻيلڻ وي هُڻ تَيڏي ٻيلڻ ٻيٺي ڳاوي،
رمزان دِي مارِي، ڪهِڙي ٻارڙي چاوي-
ٻيلڻ وو...!
(12) گامڻ:
گلڙا ڀي آيا، ميڏا سانول نه آيا،
ڪنهن ڪنون پڇان، سارا ساٿ پرايا-
گامڻ وو...!
(13) ڍولو:
بزار وِڪانديان ريڙهيان- ميڏا ڍول وَهيندا ٻيڙيان،
پتڻ مَلَهيسان، جيوين ڍولا...
ڍولا پاردا، ڍولي ڪون سمجهاوين، ڍولا اکين ماردا.
(14) موڏي:
موڏي ميڏي سڄڻ دي، موڏي وچ واڻ وي،
مين ته تيڏا نوڪر، تون ڄاڻين نه ڄاڻ وي.
موڏي ميڏي سهڻل دي، موڏي وچ ماکي وي،
اَسو، ڪَتي روندي گذريا، ڏُکي ڀني ويساکي وي.
(15) ولاڙو:
چاڙهيم دانگي، آيا سر جا سانگي،
ولو ڙي ولاڙو ...
هٿن ۾ ڦوٽا- ڇورا اندر جا کوٽا،
ولو ڙي ولاڙو ...!
(16) ڍاٽيڙو:
سارو تان سيارو مون گنديءَ ۾ گُذاريو،
رليءَ جي رولاڪي، ماريو ڙي ڍاٽيڙا!
هيلوڪو وري آءُ ...!
(17) هَمَرچو:
هَمرچي رو ڪو ميڙو لا-
(گڏجي اچڻ جو هي ميڙ، الا)
اَلا همرچو هو ڙي لا...!
(18) مڻهيارو:
وراڻي: لاگت گوري رو نينهڙو، پرديسي مڻهيار،
(پرديسي مڻهياري سان گورل جو نينهن لڳي ويو)
مڻهيارو گورل رو، جانڪڙيان مُوڇان رو مڻهيار،
(گورل جو مڻهيارو وٽيل مُڇن وارو آهي)
پرديسي مڻهيار...!
(19) جوڌيو:
جوڌيا مارو ڙي!
(اي پيارا جوڌيا!
جوڌيا مارو ڙي! مين اَمراڻي ري مارڳي.
(اي جوڌيا! عمرڪوٽ جي رستي تي)
(20) ڪَرهو:
ڪٿ روپائون ڏوڏا ايلچي، ڪٿ روپائون ناگر ول-
(ڪهڙي هنڌ ڦوٽا پوکايان ۽ ڪهڙي هنڌ ناگر ول)
هُڙڪ هلو هو، ڌيمان هلو هو!
(آهستي هل، ڍرو هل)
(21) راڻو:
راڻي هيرو هلايو، چونرا تان آهن ويهه،
(راڻي هيرو موڪليو، چونرا ويهه آهن)
راڻل! ڀيڄ ڀنيءَ رات، سوڍل ڀيڄ ڀني رات.
(راڻا ڀيڄ ڀنيءَ رات آءِ)
(22) مومل:
مان جي رنگ ڀري موملڙي، آئين ني امراڻي ري ڏيس.
(منهنجي سهڻي مومل! هڪ ڀيرو عمرڪوٽ ۾ اچ)
راڻو سُتو رنگ محل ۾، جوئي پرڏيسڻ ري واٽ،
(راڻو رنگ محل ۾ ستو، پرديسڻ جي واٽ پيو ڏسي).
(23) ڪَجليو:
ڪارا! ڪَجليو ٿي گان، ڙي ڪارا! ڪجليو ٿي گان،
اي ڪارا ڀيل ڪارينڌا! هون ڪجليو ٿي گان.
جاني مان جو جيل ۾، هون ريل ڏي ٿي جان-
ڪارا! ڪجليو ٿي گان...!
(24) ليالو:
چونڪيون چونئر ’چوٽل‘ جا- ڙي ليالو!
سنهڙا سانول سگهو وَرُ- ڙي ليالو!
دڙي چڙهيو واٽ ٿي نهاريان- ڙي ليالو!
پپر چڙهيو ٿي پير نهاريان- ڙي ليالو!
(25) هاسل:
ڪارو تان پٽڪو ڇورا! ڇوٽڪيو ڇُڳو ڙي،
ڇُڳي ري ڇيڙئي منان ڪو ماري ڙي-
مٺا جاني...!
(26) ٽُڙڙڙ، ٽُڙڙڙ:
مصري ڙي موڏو- ٽُڙڙُڙ، ٽُڙڙُڙ
(اڙي مصري ته گنجو)
جهالو رو چونرو- ٽُڙڙُڙ، ٽُڙڙُڙ
(جهالوءَ جو چونرو)
(27) گولاڙو:
گولاڙي جي گول پَڪي، گولاڙو...
ميوو پچي تنهن جو موٽريو- گولاڙو...
مينهيون بچن تنهنجون ماڻڪيون- گولارو...
ڌڻ بچي تنهنجي ڌونرين جو- گولاڙو...!
(28) لئيڪو:
پکي چيهو- لالڻ! ڪا گهڙي بيهو،
لالڻ لئيڪو چونداسي...
وڃان هيٺ- لالڻ موٽندو نيٺ،
لالڻ لئيڪو چونداسي...!
(29) مڱريو:
اونڏي تان ڏهري ۽ مونگڙلا وايا-
تلڙلي تائڦو ڪريو ڙي مڱريا!
آءٌ جڏي ٿي جيان ڙي!
(30) لَمڪيان ڙي لو:
سرڪي نڪتو ‘ساجنيو’، او- لمڪيان ڙي لـو!
پٺيان تنهن جي ‘مُهت’ موچاري- لَمڪيان ڙي لو!
ڪنهن نه پرڙيون ڪير آهن- لَمڪيان ڙي لو!
رات انڌاري ڪاري ڪاري- لَمڪيان ڙي لو!
(31) وندُل:
هت جا ڇڏي هُيم ننڍڙي، ڙِي امان، امان!
ناهي راول ڌيءَ، ناهي سوداگر نُنهن!
رات جا ويئي جنڊ تي، ڙي ابا، ابا!
(32) مَنڍوڙو:
هـيـرتي ڪو ڦرتي رو، منڍو اڄ وڇوڙو مـاري...
اتــر ڪــو ڏکـڻ رو، مــنـڍو اڄ واءُ لـڳـــو ڙي...
سائي ڪـو راهـي رو، منڍو اڄ سنگڙلو ماري...
سائوڪو اُٺڙلو، ڪيسو ڇوري، دنگڙلو مٽيوڙي...
(33) بادَليئو:
تو بنا هاري هريئا نه کيڙي، تو بلکي ڦري ڀتواري-
بادليئا! تون برس ‘اَمراڻي’ ري ڏيس...!
(تو کان سواءِ هاري ٻني نٿا کيڙين، ۽ ڀتواري
(ڀتو: نيرن جي ماني کڻي ايندڙ) پريشان آهي،
اي بادل! تون امراڻي جي ديس تي برس)
(34) رائـڌڻ ور:
او ڀوري اما! هان راڻي اما! منان رائڌڻ ور پرڻاءِ
(اي جيجل امڙ! اي راڻي امڙ! مون کي ‘رائڌڻ’ سان پرڻاءِ)
جيساڻي وٺو مينهن، هان اوتو ڍاٽاڻي ڀل وٺا ڌرم ڌاروليا.
(جيسلمير ۾ زور برسات پئي آهي ۽ ڍاٽ ۾ پکي- ڏري برسات پئي آهي)
(35) اوڏڻ:
سونيون دهريون ٿو ڏيانءِ، سُڻ تون اوڏڻ ٻائي!
سي ته سونهن تنهنجي راڻين کي، سُڻ راجا ڙي سائين!
اسين اوڏ، مٽيءَ جا ڪوڏ، ڪهڙو لاڏ اوڏڻ سان...!
(36) ورساڙو:
ٻيجان رين مينسين چرين سائو دامڻ،
ويري رين گائين چرين سائو گنٺيو -
(ٻين جون مينهون سائو ڊامڻ ۽ ادي جون ڍڳيون سائو ڳنڍير چرن ٿيون)
مال سوداگر ويرئيا! ورسارو ٿيو وري آءُ!
(37) چؤماسو:
اونڏو گجي گاج گهوري جائون،
ورسارو آيو ڏيس،
(گهوري وڃان، گوڙ پئي ٿئي، ديس ۾ وسڪارو آيو آهي)
گهوري جان، چوماسو آيو ڏيس.
(گهوري وڃان، ديس ۾ چوماسو آيو آهي)
(38) سانوڻ ٽيج:
آئي آئي، ما! سرامڻ ڙي ٽيج،
(اي امان! سانوڻ مهيني جي ٽيج آئي آهي)
سِـرامڻ سِـرامڻ، ڌيئا ساسري-
(سانوڻ سانوڻ، پر ڌيئڙي ساهرن ۾ آهي)
(39) هِچڪي:
اوٽي مٿي اينگڻو نِي رڙيو رڙيو جاءِ،
(اڱڻ تي اينگڻي جو ٻوٽو ڪريو پوي)
ساسو جي ٿانرو ڇيل ڀمريو، مان ٿيِ ڏَڙيو جاءِ،
(اي سَسُ تنهنجو پُٽ، مون کان پري وڃي رهيو آهي).
(2) هڏڪيءَ مٿان مون کي آئي هڏڪي،
مان ٿي ڀانيان منهنجا مارو ايندا،
مارو ايندا، مون کي ڏوري ڏسندا،
مارو ايندا، مون کي وٺي ويندا،
مان ٿي ڀانيان، منهنجا مارو ايندا.
(40) لاڏو:
رک صندليءَ تي پير منهنجا مور لاڏا،
مڇ موڙ، چپ چور،
منهنجا مور لاڏا...!
(40) مور:
مور ٿو ٽِلي راڻا مور ڀلي ٿو ٽِلي،
سو ته مامن جي ڪلهي
سو ته چاچن جي ڪلهي
مور ڀلي ٿو ٽِلي ...
(40) لوٽو:
لوٽو مان کي آڻي ڏي،
منهنجو مان کي آڻي ڏي،
منهنجي کير پيئڻ جو لوٽو،
آيو آيو محب ملڻ جو لوٽو...
(40) پَـڻهاري:
ست سهيليان رو جهولرو، پڻهاري هي لو -
(ست سهيليون گڏجي تلاءَ تي ويون آهن)
اي گورل گئي تلاءُ، ساهٻو...
(۽ هيءَ گورل پڻ تلاءَ تي وئي)
(41) هينڍامڻي:
هاٿ ڪپڙ ري هينڍامڻي، جي رو سوا لاک رو مُول،
(هٿ ڪپڙي مان ٺهيل سينهوڙي، جنهن جي قيمت سوا لک آهي)
مانهنجي گم گئي هينڍامڻي...
(اها منهنجي سينهوري وڃائجي وئي).
(42) لُـلُـرياڙي لـو:
کيتر پچي کوڙ ٿيا، او لُلُرياڙي لو...!
(کيٽ پچي کوڙ ٿيا)
تينا، ڪچرين، ڪوڪلا، او للرياڙي لو...!
(ميها، ڪچريون ۽ ڪوڪلا)
(43) خيالي گومند:
مگري وٺا ميهولا، رڙڪي آئي ريل،
(دڙن تي برسات وٺي ۽ نيون وهي آيون آهن)
مگري وائين ٻاجهرين، ڊاگئي وايا مونگ،
(مٿانهين زمين تي ٻاجهريون ۽ هيٺانهينءَ تي مڱ پوکيل آهن)
(44) جلال:
هان ري جلال خان! اُگوڻي ڏس رو ڪرهو ٻوليو-
(او جلال خان! اڀرندي طرف کان اُٺ رڙيو آهي)
هيڪي جوڙي را جلال!
(منهنجي جوڙي وارا جلال!)
(45) جَلالو:
سيان مانجي! آيو ڙي جلالو ڏيس ۾،
(اي سکي! جلالو هن ديس ۾ آيو آهي)
اَن چمڪيان ڙي چاري ڏيس.
(تنهنڪري چارئي طرف چمڪي رهيا آهن).
(46) جوڌاڻو:
رات تان ساري، هون هيڪلڙي هَتِي،
(راتوڪي سڄي رات اڪيلي هيس)
بلڪي بلڪي هون اونچي تان اُٺ ڙي، ڏهوئو-
(سُڏڪي سُڏڪي ماڙيءَ تان لٿي آهيان)
جمال شاهه جوڌاڻو، ڏهوئو جُوئان ڙي...!
(47) رومال:
پرديسڻ ري ڪاڻيئي ري رنگاڙان لي رومال،
رومال منهنجو ريشمي ۽ رنگ را ڇنٽا چار،
هيت ڀري ڪامڻي ري ڪارڻيئي-
رنگاڙان لي رومال...!
(48) مَنڌيئڙو:
سائينءَ ڪئڙو سُڪار، منڌيئڙو گڙڪي،
لٿو ڏيهه تان ڏڪار، منڌيئڙو گڙڪي.
جنين رکيو ٻج لاءِ مر وسي لي ري،
تن جون تون آسون پڄا، منڌيئڙو گڙڪي...!
(40) ڌيئر:
ڇو ٿي ڄڻيئي اهڙيون ڌيئر امان،
ڌيئر پرايو ڌڻ اٿئي ڙي امان،
لوليون ڏنئي پرديس وڃڻ جون.
(49) سونٺ، جيرو:
ڪِٿڪي اُپجي سُونٺڙي ني ڪِٿڪي اُپجي جيرو-
(ڪٿي سنڍ ٿئي ۽ ڪٿي جيرو پيدا ٿئي)
ڪٿڪي وسي صاحٻو، ني نڻندل ٿانرو ويرو؟
(۽ ڪٿي منهنجو گهوٽ، اي نڻان! تنهنجو ڀاءُ آهي).
(50) اُڪير:
چوڏس پونم چانڊڻي-چهنا!
(چوڏهينءَ جي چانڊوڪي- ناز ڀريا!
رَمڻ جهڙي رات- گُمانا!
(منهنجي کيڏڻ جهڙي رات).
(51) ڪُونجل:
ڪارا تان ڏونگر ڪڇ جا، ڪونجل ماءُ!
ڌورا تان ڌيٻا ڍٽ جا، ڪونجل ماءُ!
اڄ مان پتيان ڏينهڙا، ڪونجل ماءُ...!
(52) ڪانگَلڙو يا ڪاڳڙو:
پُويو پُويو پائيان، هن ڪانگل کي ڪوڏيون،
ڏيکاريندم ڏيهه ڌڻي، هن لالڻ جون لوڏون،
منهنجو لوڏن وهيڻو ڪانگل جاني!
لئو صبحا، لئو صبحا
(53) سِيهڙو:
سيهڙا! تون ميڙي ملاکڙي جائي، ڙي سيهڙا!
(اي ڄاها! تون ميلي ملاکڙي تي ڀلي وڃ)
سيهڙا! تون چقمق چنڙي لائي، ڙي سيهڙا!
(اي ڄاها! منهنجي لاءِ دل ڇڪيندڙ چُني وٺي اچج)
(54) سَرورَ:
الا، اول سوران مين برهي خدا،
الا، تنهن تون سوران مين نبي رسول،
الا، ڪلمان جنهن دا پيا هي قبول.
الا، تنهن تون سوران مين سرور پير...!
(55) مُنجرو:
پير ڀلي آيو، ٻڪر ٿي ڪهايان،
راضي شاهه ڀلي آيو، ٻڪر ٿي ڪهايان،
ماڻڪ موتين سان هليو-
پير ڀلي آيو.
(56) پيراڻو:
رکيا سنڀريا ماڙي تي، ماڙي سچي سون جهرڪو لايو-
آهي اسان جو پير
اسان کي سُمريا سڏ ڏي، سو آهي اسان جو پير-
آهي اسان جو پير...
(57) جاڳا:
اٿي الله ياد ڪريو، ٻانها ٻيو ڪي وسار،
هيءُ جي حياتيءَ ڏينهڙا، غافل ٿي نه گذار،
توبهه ڪريو تائب ٿيو، پڙهو استغفار،
جاڳڻ ويل ٿي آهي...
(حوالا: ‘لوڪ گيت’، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ)
(58) گجيو (گيت): هي گيت خوشيءَ جي موقعي تي ڳائبو آهي:
گجيو منهنجو جهور جهوراڻو،
ڀيڻ، گجيو ٿي ڳايان.
سوا ته سؤ جا ڪڍلا منهنجا،
ڀيڻ، پڳ ۾ ٿي پايان.
سوا ته سون جي نٿَ منهنجي،
ڀيڻ نڪ ۾ ٿي پايان.
گجيو منهنجو جهور جهوراڻو،
جهوراڻي ۾ ٿي ڳايان.
(59) ڦوٽاڻو (گيت): هي مذاقي گيت ميگهواڙ مايون ڳائينديون آهن:
گيس بتي ٻار، منهنجو ايئرنگ وڃاڻو،
لائيٽ بتي ٻار، منهنجو ايئرنگ وڃاڻو.
ايرنگ جي بدلي، ڪِلو سون پهرايان،
سوا سير چانديءَ جا، زيور گهڙائي ڏيان.
نه ٿو کپي سون ويرا، واءِ ۾ پوي چاندي.
منهنجو ايئرنگ وڃاڻو.
(60) سانجهي: هي گيت ونواهه وهڻ کانپوءِ گهوٽ جي گهر سج لهڻ وقت لڳاتار ست ڏينهن ڳائبو آهي ۽ ان کي ‘سانجهي ڏيڻ’ چئبو آهي:
سانجهي پڙ تي سانجهي، ڏيجي جي گهر وينهان،
وڌاڻا هوئين، اُوئي گهر سانجهي ڏيجي.
(61) نڻان ڀاڄائيءَ جو گيت:
ڏنديو واري ڏي ڙي ڀاڀي،
ڏنديو واري ڏي!
ڏنديو منهنجي مٿي ماءُ جو،
ڏنديو واري ڏي!
(ڏنديو: ڪنگو)
(62) ڪيوڙو:
هون واهيو ري ڪيوڙو،
لاگو ڦڙيان سي چُور
هون واهيو ري ڪيوڙو!
(هن لوڪ گيت ۾ ‘ڪيوڙي’ جي پوک جو ذڪر آهي. جڏهن هاڪڙو موج سان وهندوهو، اُن وقت هتي ڪيوڙو ٿيندو هو.)
(63) راسُوڙو:
هون تو چنري اوڍان،
بن چنري ڪڙيان لاڄ کاوي،
پاوا گڍ ري چنري!
هون تو چنري ڌوئان، دريا اُلٽ جاوي،
پاوا گڍ ري چنري!
(حوالو: ‘گيت ساوڻ جا، من ڀاوڻ جا’: ڀارو مل امراڻي سوٽهڙ)
هونءَ ته لوڪ گيت (۽ ٻيون صنفون) عوام جي گڏيل تخليق سمجهبي آهي، پر سنڌ جي جديد شاعرن انهن صنفن کي کڻي شاعري به ڪئي آهي:
(64) مڻهيار (شيخ اياز)
مڻهيار آيو، مڻهيار ڙي،
مڻهيار ڙي،
آيو ڇنن ۾، والا ڪنن ۾،
ڳانا ڳلي ۾، جهونجهار ڙي،
مڻهيار ڙي!
(حوالو: ‘وڄون وسڻ آئيون’: شيخ اياز)
(65) ٻاگهي (نياز همايوني)
دلو کڻي جو ٻانهن ورائي، ٻانهينءَ واري ٻاگهي،
دل وئي ڄڻ کوهه تي وهنجي، ڦڻي وساري ٻاگهي!
ٻاگهي هو، ٻاگهل، ٻاگهي!
(66) اُوڙو (نياز همايوني)
پڪيءَ پوک کي پکين ۽ جهنگلي جانورن کان بچائڻ لاءِ ٻنيءَ ۾ ٻه ڪاٺيون صليب وانگي کوڙي، مٿان ماٽور کي ڪاٺين کي پهراڻ پارائي، ماڻهوءَ جي روپ ۾ بيهاربو آهي، اُن کي اوڙو چئبو آهي.
اوڙو منهنجو نانءُ،
ڏٻرو ڏيل ته ڏاڍو ڏانءُ،
اوڙو منهنجو نانءُ.
(67) مانجهيئڙو (نياز همايوني)
سو هڻڪا ري سميجا!
موڪل ڪو مانجهيئڙو،
موڪل ڪو مانجهيئڙو!
ڳوٺ ته تنهنجو گوندڙو،
ڏوريان ويٺي ڏونگرڙو،
سو هڻڪاري سميجا،
موڪل ڪو مانجهيئڙو.
(68) تاسرڙو (نياز همايوني): اڳئين زماني ۾ سنڌ تي ڪنهن غنيم جي ڪاهه جو خطرو پيدا ٿيندو هو ته سڄاڻ ماڻهو گهر ڀاتين کي ڪنجهي جا ٿانوَ سيرانديءَ هيٺان رکي سمهڻ لاءِ چوندا هئا. غنيم جي گهوڙن جي ٽاپ ٽاپ سبب اهي ٿانوَ وڄندا هئا ته گهر مالڪ هٿيار کڻي غنيم کي منهن ڏيڻ لاءِ نڪري پوندا هئا. ان پسمنظر ۾ نياز همايونيءَ ‘تاسرڙو’ لوڪ گيت جوڙيو آهي:
تاسرڙو ٿو وڄي،
تاسرڙو ٿو وڄي،
منهنجو هينئڙو ٿو هڄي!
منهنجي سنڌڙي شل بچي،
منهنجي جندڙي شل بچي!
تاسرڙو ٿو وڄي!
(حوالو: ‘دل ۽ ڌرتيءَ جا گيت ’ : نياز همايوني)
سنڌيءَ ۾ ڇپيل لوڪ ادب بابت ڪي اهم ڪتاب:
1. سنڌي ڳجهارتون، ڪوڙو مل چندن مل کلناڻي، 1901ع
2. جمن چارڻ جون مداحون، غلام نبي شاهه، 1911ع
3. پهاڪن جي حڪمت، مرزا قليچ بيگ، 1925ع
4. سوکڙي، ڪيولرام شهاڻي، 1925ع
5. گل شڪر، ڪيولرام شهاڻي، 1925ع
6. پهاڪن جي پيڙهه، 1928ع
7. گلقند، ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي، 1928ع
8. ٻيلاين جا ٻول، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، 1951ع
9. سڳنڌ، عبدالحسين شاهه موسوي، 1953ع
10. وتايو فقير، محمد اسماعيل عرساڻي، 1953ع
11. پروليون، کيمچند ڀيرو مل لوهاڻو، 1954ع
12. پروليون، محمد عثمان ڏيپلائي، 1954ع
13. سنڌ جو سينگار، عبدالڪريم سنديلو، 1956ع
14. A Handbook of Sindhi Idioms، موهن لال شهاڻي، 1956ع
15. ڳيچ (ڀاڱو 1 ۽ 2)، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، 1957ع
16. ٽيهه اکريون ۽ مداحون: حڪيم شاهه محمد صوفي، 1958ع
17. سرهاڻ: عبدالحسين شاهه موسوي، 1958ع
18. مداحون ۽ مناجاتون، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، 1959ع
19. چار درويش: حاجي امام بخش خادم، 1960ع
20. سڀ رنگ، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، 1960ع
21. سنڌي لوڪ ڪهاڻيون (جلد 1 کان 7)، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، 1960ع
22. سنڌي لوڪ ڪهاڻيون: ڊاڪٽر نارائڻ ڀارتي، 1960ع
23. سنڌي لوڪ گيت: ڊاڪٽر نارائڻ ڀارتي، 1960ع
24. مناظرا: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، 1960ع
25. مناقبا: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، 1960ع
26. مولود شريف: آخوند خير محمد، 1960ع
27. ٽيهه اکريون (2 جلد): ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، 1961ع
28. ڏور: ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، 1961ع
29. مولود شريف: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، 1961ع
30. مولود شريف: مخدوم عبدالرئوف ڀٽي، 1961ع
31. واقعاتي بيت: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، 1961ع
32. هفتا ڏينهن ۽ راتيون: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، 1961ع
33. سنڌڙي ٿي ڳائي: ڊاڪٽر نارائڻ ڀارتي، 1962ع
34. مشهور سنڌي قصا: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، 1962ع
35. مينديءَ رتا هٿڙا، ڊاڪٽر نارائڻ ڀارتي، 1962ع
36. پروليون، ڏٺون، معمائون ۽ ٻول: ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، 1965ع
37. لوڪ گيت: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، 1965ع
38. مولود شريف، مولوي عبدالهادي، 1965ع
39. پهاڪن جي پاڙ، عبدالڪريم سنديلو، 1966ع
40. سنڌوءَ جي جهلڪ: ليلارام رچنداڻي، 1966ع
41. موتين جهڙا مولود: الحاج رحيم بخش قمر، 1967ع
42. مورڙو ۽ مانگرمڇ: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، 1967ع
43. بهترين ڳجهارتون: اي. ايم. بزمي، 1969ع
44. ڏهس نامو: عبدالڪريم سنديلو، 1969ع
45. ڏور: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، 1970ع
46. ڏور جا بيت: بدرالدين ابڙو ‘واصل’، 1970ع
47. دلپسند عجيب ڳجهارتون: بدرالدين ابڙو ‘واصل’، 1970ع
48. لاڙاين جون لاتيون: عنايت الله زنگيجو، 1970ع
49. نڙ بيت: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، 1970ع
50. بيت: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، 1971ع
51. ٿري لوڪ گيت: ڊاڪٽر نارائڻ ڀارتي، 1971ع
52. سنڌي لوڪ ادب جي تاريخ: الهه بخش نظاماڻي، 1971ع
53. اٻول راڻي: ڪيرت ٻاٻاڻي، 1972ع
54. پهاڪن جي پاٻوهه: تيرٿداس هاٿيراماڻي، 1972ع
55. ڍولا مارو: جهمٽ مل ڀاوناڻي، 1972ع
56. سنڌي ٻاراڻيون ٻوليون: هوندراج بلواڻي، 1975ع
57. هڪڙو هو سوداگر: ڊاڪٽر نارائڻ ڀارتي، 1975ع
58. ٻاهريان قصا ۽ عشقيه داستان: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، 1976ع
59. جلال بوبنا: ويرو بسنتاڻي، 1976ع
60. دودو چنيسر (ٻه ڀاڱا): ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، 1976ع
61. سنڌي اصطلاح (ٻه جلد): ليکراج عزيز، 1976ع
62. عمر مارئي: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، 1976ع
63. مشهور سنڌي قصا: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، 1976ع
64. هو جمالو: ڊاڪٽر نارائڻ ڀارتي، 1976ع
65. سڏونت ۽ سارنگا: محمد عثمان ‘اديب’ ميمڻ، 1978ع
66. سنڌي ٻوليءَ جي زيارت: ڊاڪٽر پرسو گدواڻي، 1979ع
67. سنڌي لوڪ ڪٿائون: ليلارام رچنداڻي، 1979ع
68. ڪڇين جا قول: محمد سومار شيخ، 1979ع
69. ڪويل ڏيپچند: گوورڌن ناٿاڻي، 1981ع
70. گلدستو: ليلارام رچنداڻي، 1981ع
71. دُرن جي دٻلي: سترامداس جڙياسنگهاڻي ‘سائل’،1983ع
72. ماڻڪ موتي: سترامداس جڙياسنگهاڻي ‘سائل’، 1983ع
73. جنگ ناما: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، 1984ع
74. آءُ ڪانگا ڪر ڳالهه: چيتن ماڙيوالا، 1986ع
75. اوائلي شايع ٿيل لوڪ ڪهاڻيون: ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي، 1986ع
76. ٻارن جا سنڌي لوڪ گيت: هوندراج بلواڻي، 1986ع
77. سنڌي سينگار شاعري: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، 1986ع
78. سنڌي لوڪ ڪهاڻيون (منظوم) : سترام داس سائل، 1986ع
79. سنڌي لوڪ ڪهاڻيون: سترام داس ’سائل‘، 1986ع
80. ڪافيون (جلد ا، 2، 3): ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، 1986ع
81. ڪُئي آندي ڪنوار: جڳديش لڇاڻي، 1986ع
82. ڳجهارتون: ڊاڪٽر پرسو گدواڻي/لالجي همٿوجي سوٽهڙ، 1987
83. آڏ اکري ڳجهارت: جشن لعل شواڻي، 1988ع
84. سنڌي لوڪ ساهتيه: ڊاڪٽر نارائڻ ڀارتي، 1988ع
85. سنگيت جي تان: ڊاڪٽر نارائڻ ڀارتي، 1988ع
86. سپون منجهه مهراڻ: ڀڳوانداس دولتاڻي ‘هوش’، 1989ع
87. متون جا گيت: ڪلاڌر متوا، 1989ع
88. ٻنيءَ جا ٻول، جتن جا قول: حاجي سليمان جت، 1990ع
89. پروليون: هري درياڻي دلگير، 1990ع
90. سخن سليماني امداد رباني: حاجي سليمان جت، 1990ع
91. سنڌي لوڪ ڪلا: نارائڻ ڀارتي، 1990ع
92. سنڌي لوڪ ڪهاڻيون: ڪيرت ٻاٻاڻي، 1990ع
93. ڳيجهه/ ڳيچ: ڊاڪٽر پرسو گدواڻي، 1990ع
94. سنڌي لوڪ گيتن ۾ سماجڪ پسمنظر: ڊاڪٽر نارائڻ ڀارتي، 1991
95. لوڪ ادب (فهرست): ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، 1991ع
96. موتين مٺ ملوڪ جي: محمد ملوڪ عباسي، 1991ع
97. سنڌ لوڪ ورثو: ڊاڪٽر نارائڻ ڀارتي، 1992ع
98. سنڌي پهاڪا ۽ محاورا: سنتداس ڪشناڻي، 1992ع
99. سنڌي پهاڪا ۽ محاورا: مرليڌر جيٽلي، 1993ع
100. سوڍن جا گيت: پيرڏانسنگهه سوڍا، 1994ع
101. سنڌي پروليون: ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻي، 1995ع
102. سوڍن جا سنڌي ڀڄن: رام سنگهه سوڍا، 1995ع
103. آڳاٽيون سنڌي ٻال ڪهاڻيون: ڪيولرام ڪمل پياسي، 1996
104. سنڌي لوڪ ناٽڪ: ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻي، 1996ع
105. اصطلاحن جي اصليت: عبدالڪريم سنديلو، 1998ع
106. سنڌي فوڪ لور: ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻي، 1998ع
107. سنڌي لوڪ ادب، ترتيب: ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي، 1998ع
108. متون جا سنڌي لوڪ گيت: ڪلاڌر متوا، 1998ع
109. سنڌي لوڪ ڪلا: جڳديش شهدادپوري، 2000ع
110. سينگار رس: ليلارام رچنداڻي/جڳديش شهدادپوري، 2001ع
111. ٻنيءَ جا لوڪ گيت: ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻي، 2002ع
112. سنڌوءَ جا گيت: ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو، 2008ع
113. سنڌي لوڪ گيت- ٻوليءَ جي اوسر، 2010ع
114. سنڌي ساهتيه، سنڌي ساهتيه اڪيڊمي گجرات، 2012ع
115. ڳجهارتون، ڪلاڌر متوا، ڪڇ (ڀارت)
116. رهاڻ هيرن کاڻ (ڏهه ڀاڱا، گڏيل ٻن جلدن ۾)، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، 2013ع
117. لاڏن جو گلدستو: ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻي، 2014ع
۽ ٻيا ڪيترا ڪتاب.

سنڌي لوڪ ادب ۾ مزاح:
خوش طبعي يا ڀوڳ چرچو سنڌيءَ جي طبع يا فطرت ۾ شامل آهي. سنڌيءَ ۾ خوش طبيءَ جو وڏو خزانو، ٻوليءَ جي پهاڪن ۽ چوڻين ۾ پڻ موجود آهي، جنهن ۾ کل چرچي سان گڏ صدين جي سياڻپ ۽ ڏاهپ پڻ سمايل آهي.
سنڌي ٻوليءَ ۾ اڪثر پهاڪا، قول، اقوال، جن ۾ مزاح، طنز ۽ کرو سچ شامل آهن، اهي فقط زباني طور اوطاقن يا ڪچهرين تائين محدود آهن، اهو سمورو ذخيرو لکت ۾ اچڻ کان محروم ٿي ويو آهي، ڇاڪاڻ جو صدين کان وٺي سنڌي سماج ۾ مردن جون گڏجاڻيون اوطاقن ۾ ۽ عورتن جون الڳ گهرن تائين محدود رهيون، انڪري ٻولي پڻ ٻن الڳ حصن ۾ ورهائجي وئي. مردن جي وهنوار وندر ۽ ورونهه لاءِ وزندار ٻولي ڪتب اچڻ لڳي، جا عورتن جي لڄ لحاظ کان ۽ ٻارڙن جي معصوميت آڌر اڻ سهائيندڙ ۽ اگهاڙي ڄاتي وئي. ان سبب لوڪ ٻوليءَ کي لکت ۾ آڻڻ کان ڪيٻايو ويو. توڻي جو ان ٻوليءَ جي پهاڪن ۽ ٽوٽڪن ۾ صحيح خوش طبعي ۽ صدين جو سچ سمايل آهي، جنهن کي انگريزيءَ ۾ Wit چون.
سنڌي لوڪ ادب ۾ پهاڪن ۽ ٽوٽڪن وارو کل ڀوڳ، سنڌ کي ورثي ۾ مليل آهي، ان جي گهڻي ڀاڱي جو باني وتايو فقير آهي. وتايو نصرپور لڳ هڪ ڳوٺ جو رهاڪو هو. هو اصل هندو هو، پوءِ مسلمان ٿيو. پوءِ سڄي عمر ٻين کي ڏس ڏيندو رهيو ته ‘تڪڙ ڪم شيطان جو’، ‘سچو مسلمان ٿيڻ ڪو سؤلو ڪم ڪونهي’.
هڪ ڀيري بک ۾ پاهه ٿي واٽ ويندي رستي تي بيهوش ٿي ڪري پيو، ماڻهن سمجهيو ته وتايو ويچارو گذاري ويو. خلق اچي مڙي. ماڻهن مان ڪن چيو ته وتايو مسلمان ٿيو هو، انڪري کيس دفن ڪيو وڃي، ڪن چيو برابر، پر وتائي جا افعال اهي ئي واڻڪا هئا، ان ڪري کيس مساڻ ۾ ساڙيو وڃي. ان چوٻول تي وتايو هوش ۾ اچي بوڇڻ ڇنڊي اٿي کڙو ٿيو، ۽ چيائين “اهڙي مرڻ مان ڪهڙو فائدو، جو ماڻهن مان سڃاڻپ ئي ختم ٿي وڃي!”
وتائي کي لاڏاڻو ڪئي هڪ زمانو گذري چڪو آهي، پر هر سنڌيءَ جي دل ۽ زبان تي سندس نالو ۽ ڳالهيون زندهه آهن. سنڌيءَ لاءِ وتايو اهڙي امرت ڌارا آهي، جو ڪهڙي به پيڙا ۾ يا آپدا ۾ وتايو هڪ وار کيس ياد آيو ته بي اختيار ٽهڪ نڪري ويندس. سنڌ جي ڌرتيءَ تي وتائي جو عظيم احسان آهي. ڪن نيم مولوين جيان هن ماڻهن کي قبر، قيامت ۽ دوزخ جا دڙڪا داٻا ڏيڻ بجاءِ ٽوٽڪا ٻڌائي مُلن جا پول پڌرا ڪري، ماڻهن کي الله پاڪ جي ٻاجهاري ۽ سٻاجهي هئڻ جو سبق سمجهايو. وتايو چوندو هو ته الله دعا ضرور قبول ٿو ڪري، پر نيت ٿو ڏسي. ان جي پٺيان واقعو ڳئون ۽ گڏهه وچ ۾ فرق بابت آهي، جا ڄاڻ هڪ انڌي ماڻهوءَ کي به آهي. دوزخ لاءِ وتائي چيو ته، اتي هر ڪو ماڻهو پنهنجي اندر جي ڪيني ۽ گناهن واري باهه ساڻ کڻي وڃي، ان ۾ سڙي ٿو. “جڏهن پيءُ ماءُ پنهنجي ٻارن تي ڪک نه ٿا سهن، توڙي جو هو حقيقي خالق نه آهن، ته جو اصلي خالق آهي اهو پنهنجي مخلوق کي ڪيئن سيخ ڪباب ڪندو!”
وتائي جي جُتي جڏهن ڪو شاهينگ چورائي ويو ته وتائي وڃي مقام جو در ورتو، ته “آخر اڳي پوءِ ڀاڙيو اتي ئي اچڻو آهي.” ان ۾ وڏي سوچ شامل آهي.
وتائي پٺيان پيرو کڻندي ڪيئي مجذوب آيا، جن ۾ ملا لٽر جو نالو سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ مشهور آهي. ملان لٽر جو نالو عبدالرحمان هو ۽ ٺٽي شهر جو رهاڪو هو. مڪليءَ جي شاهه مراد مقام لڳ سندس ڪچي قبر موجود آهي. ملان لٽر سنڌ جو اڪيلو ملان هو، جو خلق کي کلائيندو رهيو، نه ته ملان اڪثر ڪري ڀوڳ مزاح ڪونه ڪندا آهن. سندس چرچو اڄ کان چاليهارو سال اڳ سنڌ ۾ گهڻي قدر رواج ۾ هو، پر اڄڪلهه سندس نالو توڻي ٽوٽڪو ورلي ٿو ٻڌجي. ملان لٽر درويش صفت انسان هو، پر سندس ٽوڻا ۽ ٽوٽڪا ڪجهه اهڙي ڪچي زبان ۾ آهن، جي لکت ۾ ورجائي نٿا سگهجن. سندس مزار تي ماڻهو حاضري ڀرڻ ويندا آهن ته ست پٿريون کڻي سندس قبر تي رکندا آهن. روايت آهي ته جو ماڻهو سندس قبر جي چوگرد ست ڀيرا بنا کلڻ جي ڦيرا ڏيندو ته سندس من جي مراد پوري ٿيندي.
سنڌ ۽ سنڌيءَ جي اوائلي تاريخ تاريڪيءَ ۾ رهڻ ڪري ان کانسواءِ ٻيو ڪو به چارو نه آهي. سنڌي سماج سومرن ۽ سمن جي دور حڪومت تائين ‘Oral Society’ تصور ڪيو ويندو هو. گهرو زبان سنڌي ڳالهائي ويندي هئي. سومرن ۽ سمن واري زماني جا قصا ڪهاڻيون ۽ ٽوٽڪا به سگهڙن جي زباني ۽ ڪجهه صوفي درويشن ۽ بزرگن جي سنڌي ڪلام وسيلي مليا آهن. ظريفاڻي رنگ جو ڪلام شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي رسالي ۾ به موجود آهي. شاهه لطيف جي ظرافت جو تعلق سندس زندگيءَ جي احوال ۾ ملي ٿو، جو مدن فقير ۽ ٻين درويشن جي ٽوٽڪن سان منسوب آهي. شاهه جي رسالي ۾ سر بلاول جي چوٿين باب ۾ وڳنڌ عرف ‘ورو’ فقير سان چرچي گهٻي جا ڏهاڪو کن بيت ڏنل آهن، جن ۾ شاهه صاحب خوش طبعيءَ جو پنهنجو انداز اختيار ڪيو آهي. وڳند فقير جسم ۾ جڏو، گدلو ۽ هر شريف ماڻهوءَ جيان ‘زن مريد’ هو ۽ کاڌي کائڻ ۾ ‘پيٽر’ هو. پر شاهه جي صحبت ۽ ساڻس خوش طبعيءَ کيس امر ڪري ڇڏيو.
وڳنڌ وري آئيو، پينارنئون پوءِ،
محڪم لڳس موچڙا، زور نه ڏنس جوءِ،
اُڀو ائين چوءِ، ته پيران پاسي نه ٿيان.
(سر بلاول، گنج، ص 777)
اَسُور سندو آسرو، وڳنڌ کي وڏو،
جُسي ۾ جڏو، کڻڻ تي کرا کڻي.
(سر بلاول، گنج، ص 777)
وڳنڌ وري آئيو، بدو سين بدبوءِ،
خاوند ڏي خوشبوءِ، ته سرهو ٿيان سپرين.
(سر بلاول، گنج، ص 776)
ڀٽائيءَ جي خوش طبعي به سندس گنڀيرتا جهڙي ئي چُڀندڙ ۽ اثر رکندڙ آهي. وتائي جي سچ کي ماڻهو ٽهڪ ڏيئي لنوائي سگهي ٿو، پر ڀٽائيءَ جي طنز اندر ۾ گهاءَ ۽ وڍ ٿي وجهي. فرمائي ٿو:
ڏونگر نه ڏوري، سڪڻ جون سڌون ڪري،
گهر ويٺي گهوري، مٿان پرينءَ جندڙو!
کلڻ، روئڻ وانگر انساني طبع جو ظاهري اهڃاڻ يا علامت آهي. چرچو ڀوڳ پاڻ کي خوش ڪرڻ جو هڪ هٿرادو وسيلو آهي. پر ان کان سواءِ کل چرچو هڪ ٻه منهين تلوار پڻ آهي، جا وڍ ڪٽ جي ڪتب اچي ٿي. جنهن کي ٺٺول، طنز يا چٿرون ڪرڻ چيو وڃي ٿو. هن هٿيار کي درويشن پنهنجي تبليغ جو هٿيو بڻائي، ماڻهن جي دل ۽ دماغ جي صفائي ڪئي ۽ سندن وهم گمان جا ڪوٽ ڪيرايا. آندو فقير خيرپور رياست جو رهاڪو هو ۽ سؤ کن سال اڳ ٿي گذريو آهي، تنهن سان ڪنهن ماڻهوءَ پنهنجي ڪُڪڙ جو احوال ڪيو، جنهن ڪُڪُڙِ جا ست چوزا ڦٽا هئا ۽ ست ئي نر هئا. آندي فقير چيو “مبارڪ هجيئي، پر اهو ته ٻڌاءِ ته ڪُڪڙ قلندر تي پاڻ وئي هئي يا کيس سيوهڻ تون وٺي وئين.”
سنڌي زندگيءَ جو مرڪزي دائرو اڃا سوڌو ڳوٺ آهن، جنهنڪري سنڌي ادب جو به وڏو ذخيرو اهوئي آهي، جو عوام جي زندگيءَ جو آئينو آهي، جنهن کي ‘لوڪ ادب ’ سڏيو وڃي ٿو. لوڪ ادب جي ورثي کي سهيڙڻ لاءِ برک عالم ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي. لوڪ ادب ۾ هڪ قسم جا خيالي ۽ زباني جهيڙا به شامل آهن، جي سگهڙن خوش طبعي خاطر شعر ۾ بيان ڪيا آهن ۽ بيتن معرفت سماجي حالتن تي پنهنجي نقطه نگاهه جو اظهار پڻ ڪيو آهي. مثال طور: بئراج واهن جي کوٽائيءَ تي ٽوڪ ڪيل آهي ته:
ويا پراڻا پورجي نوان ٿيا نروار،
ابتا واهه وهايا سکر بئراج سرڪار.
آبپاشيءَ بابت چيل آهي ته:
موڪيءَ کان چرخي چڱي، جا هاڃان ڪري حرڪت،
جنهن جي آئي الفت وئي ڪوڙ پيو ڪلفت.
وندر لاءِ جانورن جا لطيفا بيتن ۾ پيش ڪندي، گدڙ کي سندس ماءُ ٿي پيءُ جو شجرو ٻڌائي ته:
پڻهين پٽ هو پنجاهي جو، سؤ سؤ ماريندو هو شينهن،
پر جڏهن کٽس ڏينهن، ته جهنگ ٻلي جهوري وڌس.
وري نوريئڙو ٿو هاريءَ سان مهاڏو اٽڪائي ۽ کيس ڊيڄاري ته:
ڪپڙا سڀ ڪتري چيري ڪندوسانءِ چٽ،
جهڙپ ڏئي جهٽ، اڳٺ ڇنندوسانءِ اوچتو.
سگهڙن ۾ مزاحيه بيت ڏيندڙن ۾ شاهه محمد ديدڙ، خير شاهه، اميد علي لغاري، حاجي ڄام چانڊيو، رمضان واڍو ۽ پانڌي آريسر جا نالا قابل ذڪر آهن. سگهڙن جي انهيءَ سٿ ۾ يا ان دور جي ٻين شاعرن ۾ ظرافت جي لحاظ کان حمل فقير جي سرائيڪي ڪلام واري خوش طبعي ڪلاسيڪي حيثيت رکي ٿي.
ويهين صديءَ جو وڏي ۾ وڏو طنز مزاح جو ماهر هڪ عام رواجي ڳوٺاڻو ‘فولاد فقير شر’ هو، جو هڪ فقير منش صوفي ۽ عقل جو اڪابر هو. سندس زبان تيز تکي ۽ جوهردار هئي. کلندي کلندي ڀالا بڙڇيون هڻي ويندو هو. وتائي کان گهٽ نه هو. وتايو عتاب کان آجو هو ۽ سندس ڪڍ ڪا باهه ٻريل نه هئي. فولاد ملامتي درويش هو. ملان مولوي سندس سدائين ڪڍ لڳا رهندا هئا، هفتي ۾ هڪ اڌ دفعو کيس شريعت جو تعذير ڏئي گڏهه تي چاڙهي گهمائيندو هو، پر ڪنهن کي ڏوراپو ڪونه ڏنائين. هڪ ڀيري شيطان کي ختمو ڏيارائين، جنهن دعوت لاءِ گوشت پلاءَ جون ديڳيون تيار ڪرائي رکيائين. وري رستي جي ٻئي پاسي ‘واسطي خداءِ’ جي خيرات لاءِ دال ڀت جو انتظام رکيائين. سڄي خلق وڃي پلاءَ پاسي گوڏا کوڙيا، دال تي فقط پاڻ ويٺو رهيو. تڏهن چيائين “ابا ڏسو ٿا ماڻهو ڳالهه ڪهڙي ٿا ڪن ۽ وري پيروي ڪنهن جي ٿا ڪن.” جڏهن ملن اچي سوال ڪيس ته “تو ڏاند کي اوڀر طرف منهن ڪرائي ڇو تڪبير ڏياري؟” تڏهن چيائين ته “مون کي ڪهڙي خبر ته اوهان الله کي ڪعبي جي ڪوٺي تي ويهاري، سندس ڏاڪڻ ڪڍي آيا آهيو، مون ته سمجهيو ٿي ته الله هر جاءِ حاضر ناظر آهي.”
فولاد فقير پرهيزگار، نفس جو ويري ۽ وڏو توحيد پرست انسان هو. ڌرتيءَ جي ڪنهن ‘صنم يا بت جي’ پرستش ڪانه ڪيائين، ۽ مجذوبن وانگر پاڻ کي الله به سڏائيندو هو. چوندو هو ته ‘آئون ۽ مان’ آهيون ئي ڪونه، سڀ ڪجهه اهو پاڻ مالڪ آهي. ماڻهو چون ٿا ته الله به آهي، پر وري پاڻ کي ‘مان’ به سڏين ٿا، جو غلط آهي. ٻيلي ۾ ٻه شينهن ٿورو ئي گڏ رهندا، مياڻ ۾ هميشه هڪ ترار رهندي.” پاڻ کي خدا سڏائيندي کيس تڪليف به خاصي پهتي، واٽ ويندي رستي تي هڪ ملهه منهن پئجي ويس، جنهن جا ٽي گهر ڀاتي هڪ ٻئي جي ڪڍ تازو فوت ٿي ويا هئا. جڏهن فولاد پنهنجي سڃاڻپ ڪرائي ته ملهه کيس چيو ته تون چوين ٿو ته الله تون آهين ته مون تو کي آسمان تي ٿي ڳوليو، پر تون مون کي زمين تي ملي وئين. تو ناحق منهنجا ٽي ڀاتي ماريا آهن، تو سان پلئه ڪرڻو آهي. ڀاڪر وجهي فولاد کي مٿي گهمائي آڻي پٽ تي هنيائين، فولاد جي ڄنگهه ٽن هنڌان ٽُٽي پئي. ان واقعي کان پوءِ ڪنهن سٻر ماڻهو اڳيان پنهنجو نالو نه کڻندو هو.
هڪ ڀيري روهڙيءَ جو موسوي صاحب فولاد فقير شر وٽ ويو. موسوي صاحب تصوف جي رمز ۽ اسرارن جون ساڻس ڳالهيون ڪندي کانئس پڇيو ته فولاد فقير ‘هاهوت باهوت’ ڪٿي آهي؟ چيائين هائو، اجهو ٿو ٻڌايان. پٽ کي چيائين ته مون وارا ٽپڙ کڻي اچ. هو اندر وڃي هڪ رنبو ۽ رسو کڻي آيو ۽ فولاد کي ڏنائين ته فولاد چيو موسوي صاحب، “آءٌ شر ڪتي جو ڦر، چور چور جو پٽ، منهنجو ورثو رنبو ۽ رسو، هاهوت باهوت ته تنهنجي وڏڙن جو ورثو هو- تون ڳاڙهين مرچن وارا ٻوڙ کائي ٿلهو ٿي هاڻ آيو آهين مون کان پڇڻ ته هاهوت باهوت ڪٿي آهي.” موسوي صاحب جتيءَ ۾ هٿ وڌا ۽ تڪڙيون ٻرانگهون ڀريندي ٻاهر هليو ويو.
سنڌ ۾ هڪ ٻيو سچ گو، فقير صفت ۽ ڪنگريءَ جي پيرن جو مريد فقير عليم درس به گهٽ نه هو. سانگهڙ ضلعي جي درسن مان هو. ڄائو ته جيسلمير ۾ 1884ع ڌاري هو، پوءِ سندس ڪٽنب کپري تعلقي جي دمن واري ڳوٺ ۾ اچي رهيو. مدرسي جو پڙهيل هو، وٽس مذهبي ۽ سماجي ڄاڻ به ڏاڍي هئي، پر پوءِ جڏهن پيري مريديءَ کان ٻاهر نڪتو ته سڌا سچ چوڻ لڳو. سندس ڳوٺ جون ڪي عورتون جڏهن هڪ پير جي کٽ کي پوڄي، ان کان باسون باسڻ لڳيون ته ان بدعتي رسم سندس ذهن تبديل ڪيو. هن عورتن کي سمجهايو ته:
‘پوڄا جوڳو پاڻ ڌڻي، ٻيو پير نه پيغمبر’
پر جڏهن عورتون باز نه آيون ته کڻي ان کٽ کي ساڙي رک ڪيائين. پوءِ هو بيتن وسيلي بدعتي ڪمن خلاف تبليغ ڪندو هو. حاجي احمد ملاح به کانئس متاثر ٿيو. هڪ ڀيري ڪو پير ڍوري ناري ۾ مريدن وٽ اچڻو هو. عليم درس اهو ٻڌي ڳوٺن ۾ وڃي اعلان ڪيا ته هڪ ‘ڌاڙيل’ پيو اچي، سو پنهنجي مال ملڪيت ۽ خاص ڪري لڄن جي حفاظت ڪجو! اهڙي پڙهن تي مٿس مريد ڏمرجي به پيا. وتايي وانگر عليم درس جون به ڳالهيون عام ماڻهن کان ٻڌڻ ۾ اچن ٿيون، مثال هن چيو:
جيئرو کائي- مُئو مچي،
اها ڳالهه عليم جي عقل نه اچي!
--
پير اسان کي پٽ ڏنو
ڏني ڌيءُ خدا!
مُلن پيرن گڏجي
ڪئي ٺڳيءَ جي صلاح
--
خدا چئي هڪڙي
پير ٻڌائي ٻي! وغيره.
حاضر جوابي خوش طبعيءَ جو روح آهي، پر ڏات آهي. ٿڏي تي ۽ تتي تاءِ اڳئين ماڻهو جي کڙهه پچائي جواب ۾ ڪاري ضرب هڻڻ لاءِ ذهن ۽ ظرف گهرجي. جڏهن سوچ ويچار لاءِ موقعو ئي نه ملي، اتي روڪڙو جواب ڦهڪائڻ ڏاڍو اوکو آهي.
سنڌ ۾ چرچائي ۽ ڀوڳائي ماڻهن جي اڄ ڪا کوٽ ڪانه آهي. هر شهر ۽ هر واهڻ يا وانڍ ۾ٺڙي ٺڪاءُ جو چرچو گهٻو هلندو اچي. ڪجهه وقت اڳ سنڌ ۾ کل مشڪري ڪرڻ ماڻهن جو پيٽ گذران اِنهيءَ فن تي هو. جنهن کي مسخرو، مشڪرو يا سانگ چيو ويندو هو. اهي ماڻهو اڪثر ناٽڪين يا ناچن جي ٽولين ساڻ شامل رهندا هئا، يا وري وڏن ڏڻن تي سانگ وجهندا هئا. جيئن هوليءَ جا سانگ. سندن ويس وڳو ۽ کل چرچي جو انداز نرالو هوندو هو. وڏن ماڻهن جي شادين مرادين تي کين ڪوٺيو ويندو هو. هاڻوڪي سئنيما، ريڊيو ۽ ٽيليويزن جي دور اچڻ کانپوءِ سندن حظ نڪري ويو آهي. ڪجهه وقت اڳ گهڻا نالا ٻڌا ويندا هئا، جيئن ته الله ڏنو ماڇي سنجهوري وارو، حاصل فقير مٺيءَ وارو، قادو شيدي ۽ قادو مڱڻهار وغيره.


هن صفحي کي شيئر ڪريو